ڪراچي (رپورٽ: خدا ڏنو شاهه) وفاقي سرڪار مالي سال 2024/25ع ۾ اين ايف سي ايوارڊ جي ورڇ جوڳن پولن مان سنڌ جي حصي ۾ 1 کرب 7 ارب 77 ڪروڙن 94 لکن جو ڪٽ هڻي ڇڏيو آهي جنهن سبب سنڌ ۾ ترقياتي اسڪيمن سميت ڪيترائي ڪم سخت متاثر ٿيڻ جو امڪان آهي. روزاني عوامي آواز کي مليل دستاويزي ثُبوتن موجب وفاقي سرڪار اين ايف سي ايوارڊ تحت سنڌ کي ملندڙ فقط ٽن ٽه ماهين جي مختلف پولن مان سنڌ جي حصي ۾ ايندڙ 11 کرب 88 ارب 55 لکن واري رقم مان وڏو ڪٽ هنيو آهي، سنڌ کي رڳو 10 کرب 7 ارب 77 ڪروڙ 94 لک رپيا جاري ڪيا آهن، وفاقي سرڪار جي اهڙي عمل تي سنڌ جي وڏي وزير توڻي ناڻي کاتي خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. دستاويزن موجب سنڌ کي انڪم ٽيڪس جي مقرر ڪيل حصي 4 کرب 60 ارب 80 ڪروڙ 70 لکن مان رڳو 4 کرب 57 ارب 42 ڪروڙ ڏنا آهن، سيلز ٽيڪس جي مد ۾ سنڌ جي حصي لاء طئي ڪيل رقم 4 کرب 20 ارب 14 ڪروڙ 83 لکن مان رڳو 3 کرب 41 ارب 93 ڪروڙ ڏنا آهن، سينٽرل ايڪسائيز ۾ سنڌ جي طئي ٿيل حصي 80 ارب 96 ڪروڙن 79 لکن مان رڳو 60 ارب 63 ڪروڙ 29 لک ڏنا آهن، ڪسٽم ڊيوٽيز ۾ طئي ٿيل حصي 121 کرب 28 ارب 86 ڪروڙ 76 لکن مان رڳو 1 کرب 10 ارب 45 ڪروڙ 67 لک ڏيئي باقي رقم ڪٽي ڇڏي آهي جڏهن ته ڪيپيٽل ويليوز واري پول مان سنڌ جي رکيل ٽن ٽه ماهين واري حصي 2 ارب 16 ڪروڙ 68 لکن مان سنڌ کي رڳو 1 ارب 7 ڪروڙ 7 لک جاري ڪيا آهن. رائلٽي آن ڪروڊ آئل جي حصي مان سنڌ لاءِ رکيل رقم 38 ارب 26 ڪروڙن 47 لکن مان سنڌ کي رڳو 17 ارب 82 ڪروڙ 25 لک جاري ڪيا آهن ۽ بقايا رقم جو ڪٽ هڻي ورتو آهي. گئس تي سرچارجز جي مد ۾ سنڌ لاءِ طئي ڪيل 10 ارب 86 ڪروڙ 68 لکن جي ٽن ٽه ماهين جي رقم مان 23 ارب جاري ڪيا آهن، هن پول ۾ سنڌ کي ايڊوانس طور 12 ارب واڌو رقم جاري ڪئي وئي آهي، گئس تي ايڪسائيز ڊيوٽي جي مد ۾ سنڌ جي حصي جي رقم 4 ارب 40 ڪروڙ 63 لکن مان رڳو 2 ارب ڪروڙ 95 لک جاري ڪيا آهن، قدرتي گئس جي رائلٽي واري رکيل سالياني رقم 20 ارب 75 ڪروڙن 15 لکن مان سنڌ کي واڌو رقم سان گڏ 38 ارب 18 ڪروڙ جاري ڪيا آهن هن مد ۾ سنڌ کي 18 ارب واڌو ڏنا ويا آهن. ٻي طرف آڪٽراءِ آن ضلعا ٽيڪ واري رکيل رقم 29 ارب 36 ڪروڙن 8 لکن مان سنڌ کي رڳو 26 ارب 11 ڪروڙ جاري ڪيا ويا آهن. مجموعي طور تي اين ايف سي ايوارڊ جي مختلف پولن ۾ رکيل شين تي سنڌ جي ٽن ٽه ماهين ۾ 11 کرب 88 ارب 55 لکن واري حصي مان صوبي کي رڳو 10 کرب 7 ارب 77 ڪروڙ 94 لک رپيا جاري ڪيا ويا آهن جڏهن ته سنڌ جي طئي ٿيل حصي مان 1 کرب 7 ارب 77ڪروڙ 94 لکن جو ڪٽ هنيو ويو آهي. سنڌ جي حصي مان وڏي رقم ڪٽجي وڃڻ سبب سنڌ ۾ هلندڙ ترقياتي اسڪيمن سميت نيون اسڪيمون ۽ ٻيا ڪيترائي ترقياتي ۽ غير ترقياتي ڪم سخت متاثر ٿي سگهن ٿا. هوڏانهن سنڌ جي حصي مان وڏي رقم ڪٽجي وڃڻ باوجود سنڌ سرڪار خاموشي اختيار ڪري ورتي آهي. سنڌ جي وڏي وزير توڻي سنڌ جي ناڻي کاتي واري سيڪريٽري وفاقي سرڪار اڳيان ڪنهن به قسم جو احتجاج نه ڪيو آهي.