ڪراچي (رپورٽر) سنڌ اسيمبلي چولستان ۽ ٻين ڪئنالن خلاف ٺهراءُ يڪ راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. سنڌ اسيمبلي جو خاص اجلاس اسپيڪر اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ ٿيو، اجلاس دوران وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو. ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته چولستان سميت ٻيا ڪينال ٺاهي 91 ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪرڻ قبول ناهي. ٺهراءَ ۾ پاڻي جي شفاف ورڇ نه ٿيڻ تي عوامي مزاحمت جو چتاءُ ڏنو ويو آهي. ٺهراءَ ۾ چيو ته ڪئنال نڪرڻ سان سنڌ ماحولياتي بحران جو شڪار ٿي ويندي. وڏي وزير چيو ته سي سي آءِ ۾ ڪيس هارايو ته پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ وينداسين. پٿر کڻي نه نڪرندس، بندوق کڻي نڪرڻ بدران آئيني دڳ وٺندس. پي ٽي آءِ دور ۾ ٿل ڪئنال منصوبو منظور ٿيو، ان خلاف سي سي آءِ ۾ وياسين ٺهراءُ جي متحده، جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آءِ سميت مخالف ڌر ميمبرن به حمايت ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌو درياهه جي پاڻي کي ٻين صوبن ڏانهن موڙڻ تي سخت خدشن جو اظهار ڪيو. هن زور ڏنو ته سنڌ پاڻي جي ورڇ تي مسلسل پنهنجو موقف برقرار رکيو آهي ۽ رضامندي کان سواءِ سنڌو درياءَ جو پاڻي موڙڻ جي ڪنهن به ڪوشش خلاف خبردار ڪيو. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن جو انهن دريائن تي حق آهي. هن وڌيڪ چيو ته پاڻي انهن ماڻهن جي اجازت کان سواءِ نٿو وٺي سگهجي جيڪي صدين کان انهن دريائن جي ڪنارن تي رهندا آيا آهن. هن زور ڏنو ته هي هڪ عالمي طور قبول ٿيل اصول آهي. وڏي وزير مختلف ڪينال منصوبن تي سنڌ جي اڳوڻي اعتراضن کي ياد ڪيو جنهن جي نتيجي ۾ 1945 جي سنڌ-پنجاب پاڻي معاهدي جهڙا معاهدا ٿيا. هن چيو ته هن معاهدي تحت پنجاب جي ڪينالن کي پاڻي جو هڪ مقرر حصو رکيو ويو هو جڏهن ته ڪوبه واڌو پاڻي پنجند سسٽم ذريعي سنڌ ڏانهن موڪليو ويندو هو جڏهن ته هن خدشو ظاهر ڪيو ته سسٽم ۾ موجود پاڻي وڌڻ بدران گهٽجي رهيو آهي جيڪو سنڌ جي حصي تي ناڪاري اثر وجهي رهيو آهي. هن سوال ڪيو ته سنڌ ڇو خاموش رهي جڏهن ته نوان ڪينال منصوبا اڳ ۾ ئي گهٽجندڙ پاڻي جي فراهمي کي خطرو قرار ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته پنجاب جي زرخيز زمينن مان پاڻي ڪڍي چولستان ڏانهن موڙيو ويندو ۽ ان تي اسان کي اعتراض نه ڪرڻ گهرجي. هن پڇيو ته ڇا پنجاب پنهنجي سڀ کان وڌيڪ پيداواري علائقن جهڙوڪ چچ ۽ رچنا دوآب کي سڪائڻ ڏيندو ته جيئن ريگستان کي سيراب ڪري سگهجي. مراد علي شاهه ورجايو ته سنڌ هميشه پاڻي جي غير منصفاڻي ورڇ خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ اڳتي به ڪندو رهندو. هن اسيمبلي کي ياد ڏياريو ته سنڌ جي ماضي جي اعتراضن سبب ڪيترائي ڪميشن ٺهيا ۽ آخرڪار سنڌ-پنجاب معاهدو ٿيو جنهن پاڻي جي ورڇ لاءِ واضح هدايتون مقرر ڪيون. پاڻي جي کوٽ تي وڌندڙ خدشن سان گڏ وڏي وزير سڀني لاڳاپيل ڌرين تي زور ڏنو ته اvهي تاريخي معاهدن کي برقرار رکن ۽ سنڌ جي ماڻهن جي حقن کي نظر ۾ رکندي پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائين. ايم ڪيو ايم اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ علي خورشيدي چيو ته پاڻي جي معاملي تي سنڌ سان گڏ آهيون. هن چيو ته صدر زرداري گرين انيشئيٽو تحت سنڌو مان ڪينال ڪڍڻ جي منظوري ڏني، اتان کان مسئلو ٿيو آهي. ايم ڪيو ايم جي صابر قائم خاني چيو آهي ته پ پ فيس سيونگ لاءِ هي ٺهراءُ آندو آهي. هن چيو ته پاڻي جي معاملي ۾ سنڌ سان گڏ آهيون. ان موقعي تي پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ڄام خان شورو چيو ته هي هڪ اهم ۽ تفصيلي ٺهراءُ آهي، جيڪو ليڊر آف دي هائوس پيش ڪيو آهي. سنڌ جا ماڻهو پاڻي جي مسئلي تي انتهائي حساس آهن سنڌ جي ماڻهن ڪالا باغ ڊيم کي هميشه لاءِ رد ڪيو، محترمه بينظير ڀٽو ڪمون شهيد وٽ ڌرڻو هنيو هو. ڄام شورو چيو ته جلال پور ڪئنال جي جي ڊي اي وارن حمايت ڪئي هئي، ان تي هو معافي وٺن. پنجاب 3 ڪروڙ ۽ اسان صرف 60 لک ايڪڙ زمين آباد ڪيون پيا، ڪينال ٺهيا ته اهو به پاڻي نه ملندو. نثار کهڙو پنهنجي تقرير دوران چيو ته ڪڏهن ڪڏهن لڳندو آهي ته اسان کان غلطي ٿي وئي جو اسان هن اسيمبليءَ ۾ پاڪستان ٺهڻ جي حمايت ڪئي؟ هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو سجاڳ ٿي چڪا آهن، نون ڪئنالن ڪڍڻ سان ملڪ کي نقصان ٿيندو. هن چيو ته اڄ جيڪي وڏيون دعوائون ڪري رهيا آهن انهن ته ماضيءَ ۾ حڪومتن ۾ ويهي ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ڪئي هئي پر اِها پيپلز پارٽي هئي جنهن ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ هلائي ان کي رد ڪرايو. هن چيو ته اِهو عالمي قانون آهي ته پاڻيءَ تي پهريون حق پڇڙيءَ وارن جو هجڻ گهرجي ۽ سنڌ پڇڙيءَ وارو صوبو آهي جيڪڏهن هن منصوبي سان پڇڙيءَ وارو صوبو ٽٽي ٿو ته پوءِ پاڪستان به ٽٽي پوندو. هن چيو ته 6 ڪئنالن واري منصوبي جي ايڪنڪ ۽ سي سي آءِ کان منظوري نه ورتي وئي آهي پر ٿل ڪئنال وانگر چولستان ڪئنال جو ڪم شروع ڪيو ويو آهي جنهن تي پڻ سنڌ کي خدشا آهن. هن چيو ته جي ڊي اي ڪئنالن بابت پيپلز پارٽيءَ کي وفاق مان نڪرڻ جي ڳالهه ڪري رهي آهي جنهن تي افسوس آهي. جي ڊي اي پاڻ وفاق مان نڪرڻ جو اعلان ڇو نه ٿي ڪري؟. هن چيو ته آمر پرويز مشرف ماضيءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ۾ مهم هلائڻ لاءِ لياقت جتوئي کي پاڻيءَ ۽ بجليءَ جو وفاقي وزير بڻايو . هن وڌيڪ چيو ته تونسا کان گڊو تائين سنڌ جو پاڻي چوري ٿي رهيو آهي جنهن بابت پڻ خالد مگسيءَ جي سربراهيءَ ۾ جوڙيل ڪميٽي پڻ پنهنجي رپورٽ ڏئي چُڪي آهي ۽ سنڌ کي اِهو به نه پيو ٻڌايو وڃي ته پاڻيءَ جي کوٽ آھي ته هنن ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان آندو ويندو؟ جڏهن ته تونسا کان گڊو تائين ڪٿي به ٽيلي ميٽري سسٽم نه لڳايو ويو آهي. هن چيو ته پاڻي جي 1991ع معاهدي تي عمل ڪري سنڌ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي. هن چيو ته ون يونٽ پاڪستان جي تباهي ڪئي ۽ سنڌ اسيمبليءَ ون يونٽ وارو غلط قدم کنيو ان لاءِ ون يونٽ کان علاوه سنڌ اسيمبليءَ جي باقي ڪارڪردگيءَ تي سلام پيش ڪيان ٿو. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق چيو ته سنڌ کي گهٽ پاڻي مليو ته اهو ڪراچي ۾ پاڻي نه ايندو. ماڻهن جو احتجاج حق آهي. ماڻهن کي پيپلز پارٽي تي خدشا آهن. هن چيو ته گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي پيپلز پارٽي حمايت ڪئي هئي، پر هاڻي چولستان ڪئنال کي به ان جو حصو بڻايو پيو وڃي، جڏهن ته سنڌ اڳ ئي پاڻي کوٽ جو شڪار آهي. پي ٽي آءِ جي بلال جدون ۽ شبير قريشي چيو ته وفاقي سرڪار پ پ جي حمايت تي بيٺل آهي، پ پ پوزيشن واضح ڪري ۽ ڪئنالن جي معاملي تي حڪومت کان ڌار ٿئي. اجلاس دوران مختلف پارٽين جي اڳواڻن سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ جي سخت مخالفت ڪئي ۽ سنڌ جي پاڻي حقن جي تحفظ لاءِ حڪمت عملي تي زور ڏنو. نادر مگسي چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان کي پاڻي نه ڏنو ويو ته وفاق کي نقصان پهچندو. چولستان وارن کان پڇو ته اها زمين ڪنهن کي ڏني وئي آهي. پاڻي لاءِ وڙهڻو آهي ته ڀارت سان وڙهو. شرجيل ميمڻ چيو ته پاڻي جي مسئلي تي سڀ هڪ آواز آهن. سردار شاهه چيو ته ريگستان لاءِ گلستان کي نه اجاڙيو، اسان ٻارن جو مستقبل داءَ تي لڳائي چڪا آهيون.