سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف وستي واهڻ، شهر، شهر مظاهرا جاري

ڪراچي/حيدرآباد/سکر(نمائندا)سنڌ ۾ ڪئنالن خلاف احتجاج جو سلسلو جاري،وستي وستي واهڻ واهڻ احتجاج،خبر موجب جناح لا ڪاليج حيدرآباد جي شاگردن سنڌو درياهه تي ڌاڙي خلاف ڪاليج کان ريلي ڪڍي حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو،ريلي جي اڳواڻي دردانا انصاري،نياز احمد راھوڪڙو،سعيد امان،ثانيا ٻگھيو،سجاد ڪوريجو،ڪرم خواجا،انمول ڪريم ۽ ٻين ڪئي،مظاهري ۾ وفاقي ۽ سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪري ڪئي وئي،اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار پنجاب کي آباد ڪرڻ لاءِ سنڌو درياهه مان ڪينال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ چاهي ٿي،تلھار مان محمد حنيف ملاح جي رپورٽ موجب  اسٽوڊنٽس ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي ٽنڊو باگو بس اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي مين حيدرآباد بدين بس اسٽاپ تي احتجاجي ڌرڻو ھنيو ويو،احتجاجي ريلي ۾ اسڪولي شاگردن،استادن،وڪيلن۽ مخلتف سياسي سماجي مذھبي تنظيمن جنھن ۾ ايس ٽي پي ، سنڌ يونائيٽڊ پارٽي ، جيئي سنڌ قومي محاذ ، جسقم آريسر،ايم ڊبليو ايم،جي يو آءِ،شيعاء علماء ڪائونسل،جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سميت شھرين ۽ سول سوسائٽي جي ماڻھن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي،ايس يو پي اڳواڻ امير آزاد پنھور،ايس ٽي پي اڳواڻ مظھر حسين ڪھيري،شاگرد اڳواڻ فيضان جمالي، روي ڪمار چارڻ،عباد الله ٿيٻو،وقاص چارڻ ۽ ٻين چيو ته وفاقي سرڪار پنجاب جو ريگستان آباد ڪرڻ لاءِ سرسبز سنڌ کي ريگستان بڻائڻ جي ڪوشش پئي ڪري،هوڏانهن ميهڙ ۾ ينگ اسٽوڊنٽس آف ميھڙ جي سڏ تي آزاد چنه ،عادل تيوڻو ، عقيل ميمڻ ، سرمد جتوئي، وڪيل سعيد پنھور ،وڪيل منور جتوئي ،وڪيل عبدالخالق ٻگھيو ،وڪيل عابد ڪلھوڙو ، وڪيل رضوان تنيو،سڪندر سوڍر،وڪيل داد محمد مگسي،وڪيل پنھل کوسو،ايوب کوسو،رضوان بروھي، علي رضا بروھي،اسد بروھي،صدائي رياض ڪلھوڙو،ميثم عباس جويو،سمير ھالو، مير عمران تيوڻو،مير شڪيل عطار،مختيار سنڌي،سيد فتاح شاهه،حڪيم ڏيپر،روشن گھانگھرو ، دلبر کوسو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ميھڙ سي اين جي کان 3 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري نيشنل پريس ڪلب ميھڙ اڳيان مظاھرو ڪيو ويو ٻئي پاسي بدين جي  لاڙ ڪئمپس يونيورسٽي ۽ اسلاميه ڊگري  ڪاليج جي شاگردن الهنواز مهراڻ نھڙيو عبدالحئي منڱريو فدا شاھ عبدالسلام شيخ جي اڳواڻي ۾ لاڙ ڪئمپس يونيورسٽي ۽ اسلاميه ڊگري ڪاليج کان ريلي ڪڍي ايوان صحافت اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي شاگردن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته  سنڌ جي جياپي سنڌو درياءَ مان غير قانوني ڪئنال ڪڍي سنڌ کي سڪائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي هالا ۾ پي ٽي آئي، ايس يو پي، جسقم، جماعت اسلامي، جي يو آئي پاران نازش ڀٽي،ايڊوڪيٽ گلزار خاصخيلي، سيد منور علي شاهه، فقير محمد لاکو،ڪامريڊ عبدالرشيد ڏيٿو،انور علي ٻرڙو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، اڳواڻن چيو ته وفاقي حڪومت سنڌ کي سڪائڻ لاءِ جيڪو منصوبو آصف علي زرداري جي معرفت جوڙيو آهي. ان کي سنڌ جو عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو، سنڌ جو عوام سنڌو درياهه مان چولستان سميت 6 نوان ڪئنال ٺاهڻ واري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.