مٺي(بيوروچيف)سنڌو درياھ مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف مٺي ۾ سنڌي ادبي سنگت جي سڏ تي ريلي ڪڍي وئي،جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ميمبرن کان علاوه سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وڪيلن صحافين ڀرپور شرڪت ڪئي،ريلي صادق فقير چوڪ کان ٿرپريس ڪلب ۽ انهي کانپوءِ ڪشمير چوڪ تائين پر امن واڪ ڪري ڪشمير چوڪ تي ڌرڻو هنيو،ڌرڻي کي نصير ڪنڀر،نوشاد رضوان،شرما،ملوڪ بجير،سائينداد هنڱورجو،ارشاد ڪنڀر،اشرف نهڙي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياھ مان نڪرندڙ ڪئنال ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪنداسين،فيصلو فورن واپس ورتو وڃي،سنڌو درياھ اسان جو جيئاپو آهي،سنڌو زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي،وفاقي حڪومت سنڌ جي عوام جو ردعمل ڏسي ڪئنالن وارو فيصلو رد ڪري ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو،هوڏانهن ريلي ۾ شريڪ هر مڪتب فڪر جي ماڻهن کي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هيا جن تي ڪئنالن خلاف نعرا لکيل هيا،ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن پاران ڪئنالن خلاف نعريبازي پُڻ ڪئي وئي،ريلي ۾ قومي عوامي تحريڪ جي شاهنواز هنڱورجو. ٿر سجاڳ سٿ جي منير جوڻيجو. سالم سميجو. عوامي تحريڪ جي سائينداد هنڱورجو. سماجي اڳواڻ الهجڙيو درس شرڪت ڪئي. جڏهن ته ادبي سنگت جي ضلعي رابطہ سيڪريٽري چمن آر ٿري. ڪائونسلر وجئه شرما. سيڪريٽري نصير ڪنڀر. ارشاد ڪنڀر. دليپ امر. ڀيشم ڪوٺاري. مهتاب سوٽهڙ. پريتم ڌناڻي عبدالله آس. فيضو فراقي. نوشاد رضوان. دولت رام کتري. ستار وسنداڻي اشرف نهڙيو۽ ساقي راجپوت شريڪ ٿيا. ٻي پاسي صحافين به ريلي ۾شرڪت ڪئي،