سنڌ حڪومت عوامي ردعمل ڪمزور ڪرڻ لاءِ ڊرامو ڪيو آهي:زين شاهه

ڪراچي (پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي صدر ۽ سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ سنڌ اسيمبليءَ ۾ ڪئنالن جي حوالي سان پيش ڪيل ٺهراءُ کي ڊرامو ۽ عوام سان دوکو قرار ڏنو آهي،هن مطالبو ڪيو آھي ته صدر آصف زرداري ڪئنالن جو فيصلو فوري طور  تي واپس وٺي ڇاڪاڻ ته هن پاڻ گرين انيشيٽو پاڪستان جي اجلاس ۾ ان جي منظوري ڏني هئي،پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ سيد زين شاھ جو چوڻ هو ته سنڌ جو عوام اڳ ئي ڪئنال منصوبي کي مڪمل طور رد ڪري چڪو آهي ۽ پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت عوام جي ردعمل کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ  هي ڊرامو رچايو آهي، هن وڌيڪ چيو ته قرارداد ۾ صرف چولستان ڪينال جو ذڪر ڪيو ويو آهي جڏهن ته جلال پور،گريٽر ٿر ڪئنال ۽ ٻين ڪئنال جو ڪو به ذڪر ناهي ڪيو ويو ان کان علاوه قرارداد ۾ وفاقي حڪومت سان ڳالهين جو مطالبو به شامل آهي جيڪو سنڌ جي عوام سان هڪ سنگين مذاق ۽ دوکو آهي،سيد زين شاھ چيو ته گرين پاڪستان جو منصوبو انهن 6 ڪئنالن تي مشتمل آهي جيڪڏهن اهي ٺاهيا ويا ته سنڌ بنجر ٿي ويندي، ڪراچي،ٺٽو،سجاول ۽ بدين ضلعي جي شهرن ۾ پيئڻ جو پاڻي پهچڻ مشڪل ٿي ويندو،   سيد زين شاھ چيو ته جيستائين پيپلز پارٽيءَ جو چيئرمين،ڪو چيئرمين، وفاقي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر سنڌ جي عوام سان دوکو ڪرڻ بند نه ڪندا تيستائين اسان جي جدوجهد جاري رهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.