ميهڙ ۾ ڪئنالن خلاف مشعل بردار ريلي

ميھڙ(رپورٽ: فراز چنا) سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ڪرڻ خلاف ميھڙ ۾ سبزي فروٽ يونين جي سڏ تي ريڙھو ھلائيندڙ پورھيتن، مزدورن ،سياسي سماجي ، صحافي ، مذھبي ۽ قومپرست جماعتن جي اڳواڻن سميت وڏي تعداد  ۾ شھرين پاران ٻيٽو چوڪ کان نيشنل پريس ڪلب ميھڙ تائين مشعل بردار ريلي ڪڍي وئي،ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ اربيلو ڪلھوڙو،نثار ميمڻ، فراز چنا ، آزاد چنا ، وڪيل سعيد پنھور ، وڪيل منور جتوئي ، سڪندر سوڍر ، وڪيل داد محمد مگسي ، ايوب کوسو ، صدائي رياض ڪلھوڙو ،رضوان تنيو ، علي شير ڳورڙ ، بصير گورڙ ، وڪيل لياقت ملڪ ، طاھر محزون ، ماجد پنھور ، مختيار سنڌي ، مير عمران تيوڻو ۽ ٻين چيو ته سنڌ جي ھر ماڻھو جو جيئڻ سنڌو درياء سان لاڳاپيل آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.