خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)خيرپور ۾ سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف مهراڻ يونيورسٽي جي سوين شاگردن،سول سوسائٽي ۽ قوم پرست پارٽين جي ڪارڪن طرفان مهراڻ يونيورسٽي خيرپور کان پريس ڪلب خيرپور تائين احتجاجي مارچ ڪري پريس ڪلب خيرپور اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ ڪئنال سمورا نامنظور ۔ سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا سخت نعرا هنيا ويا احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ايڊوڪيٽ فياض خميساڻي ،جساف مھراڻ يونيورسٽي صدر زين العابدين بروهي،ڪامران سنڌي،ڪاشف دل،احسان سنڌي،سجاول ڦلپوٽو هزار خان،محمد سمير ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن احتجاج کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي مڪمل رد ڪيون ٿا ۽ ساه جي آخري گهڙي تائين پاڻي تي ڌاڙو ھڻڻ خلاف جنگ وڙهنداسين ھنن چيو ته سنڌو درياء مان پنجاب سامراج هٿرادو ڪئنال ڪڍي هارين ۽ ڪروڙين پکين جو جياپو کسي رهي آهي جنهن کي ڪنھن به صورت ۾ برادشت نه ڪنداسين جڏھن ته ڪئنالن واري معاملي تي اسين شاگردن سميت سموري سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي ڪئنال سمورا نامنظور آهن نه منظور ھوندا شاگرد جيڪڏهن سنڌو مان ڪئنال ڪڍڻ وارو منصوبو واپس نه ورتو ويو ته احتجاجي تحريڪ اڃان وڌيڪ تيز ڪئي ويندي جنھن جي ذميواري وفاق جي حڪومت تي ھوندي.