نوشهروفيروز ۾ سنڌو تي 6 ڪئنالن خلاف احتجاجي مظاهرو، ريلي

نوشهروفيروز(رپورٽ: عتيق الرحمان وسطڙو)سنڌو درياھ تي غير قانوني طور اڏيل ڇهن ڪئنالن خلاف پريس ڪلب ڦل جي صحافين شهرين ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران مظاهرو ڪيو ويو۔مظاهري جي اڳواڻي صحافي خالد ميمڻ ۔ ايم ظفر تڳر ۔سڌير ميرالي۔ پروفيسر بخش علي چانڊيو۔ زاهد لنڊ۔ محمد عادل عباسي۔ ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا۔ احتجاجي ريلي مين اسٽاپ کان شروع ٿي پريس ڪلب ڦل پهتي جتي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن چيو ته سنڌو دريا تي ٺهندڙ ڇهه ڪئنال اسان کي ڪنهن به صورت ۾ منظور ناهن۔سنڌ کي تباهه ۽ سڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي جيڪا سازش ٿيڻ نه  ڏينداسين تڪراري ڪئنالن وارو منصوبو مڪمل طور تي رد ڪيو وڃي نه ته تحريڪ هلائبي .سنڌ جون زمينو اڳ۾ به پاڻي نه هجڻ ڪري غيرآباد آھن  ڪئنال ٺاهي سنڌ جي زميندارن هارين جي حقن تي ڌاڙو هنيو پيو وڃي  وفاقي حڪومت پنهنجو فيصلو واپس وٺي ٻئي صورت ۾ وفاق ڏي ويندڙ روڊ رستا بند ڪيا ويندا ۔احتجاجي ريلي ۾ سنڌ جي صوفي راڳي سائين عزيز الله شاھ ۔سڌير ميرالي قومي گيت ڳائي ڪئنالن خلاف نفرت جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.