ڪئنالن واري معاملي تي چٽو موقف آهي، مسئلن جو حل سياسي طريقي سان نڪري سگهي ٿو: بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڻي واري معاملي تي اسان جو موقف بلڪل چٽو آهي، سڀني مسئلن جو حل سياسي طريقي سان نڪري سگهي ٿو.
سنڌ حڪومت جي پبلڪ پرائيويٽ ڪيريئر پورٽل ۽ ايپليڪيشن ”آءِ ورڪ فار سنڌ“ جي افتتاحي تقريب دوران خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جعفر ايڪسپريس هاءِ جيڪ ٿيڻ کانپوءِ اسان جي فورسز دهشتگردن کي شڪست ڏني.
هن چيو ته پاڪ فوج کي سلام پيش ڪيان ٿو، مذهبي انتهاپسندي هجي يا دهشتگردي اسان ان جو جو ڄمي مقابلو ڪنداسين.
سندس چوڻ هو ته اسان وٽ اهڙو وڏو وزير جيڪو عوام جي خدمت ڪري ٿو ۽ پنهنجي ڪارڪردگي کي واضح ڪري ٿو.
پ پ چيئرمين چيو ته نون ڪئنالن بابت قومي اسيمبلي ۾ اسان پنهنجو واضع موقف اختيار ڪيو آهي، توهان جي آواز اسلام آباد تائين پهچائينداسين.
هن چيو ته ڪجهه ماڻهن کي احساس ٿيو آهي، تنهنڪري هاڻي تبصرا به ڪري رهيا آهن، هي ڪو نئون مسئلو نه آهي، سنڌ جو وڏو وزير هميشه توهان جو ڪيس وڙهندو رهيو آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان هاڪاري سياست تي يقين رکون ٿا، هر مسئلي جو حل سياسي طريقي سان نڪري سگهي ٿو، اسان زراعت جي ترقي چاهيون ٿا، پر پاڻي جي ورڇ به برابر ٿيڻ گهرجي.
هن چيو ته سنڌ جا ماڻهو روزگار جو مطالبو ڪن ٿا، پر سرڪاري نوڪريون سڀني کي نه ٿيون ملي سگهن، هاڻي هن پورٽل ذريعي نوڪري جا موقعا دستياب هوندا.
پيپلز پارٽي جي چيئرمين چيو ته ٻوڏ متاثرن کي رڳو گهر نه ڏنا ويا، پر سندن بئنڪ اڪائونٽس به ٺاهيا ويا ۽ عورتن کي ملڪيت جا حق به ڏنا ويا.
سندس چوڻ هو ته هائوسنگ منصوبي جي نتيجي ۾ 10 لک نوڪريون پيدا ٿيون، خانگي شعبي وڌيڪ روزگار جا موقعا فراهم ڪري ٿو.
هن چيو ته نوڪريون ڏيڻ وارن کي چوان ٿو ته اچو ۽ هن پليٽ فارم جو حصو بڻجوم هاڻي سنڌ جا ماڻهو آڪسفورڊ مان تعليم حاصل ڪري سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.