حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ ھاري ڪاميٽي جي سربراھه ڪامريڊ اڪبر خان جتوئي، سنڌ عوامي فورم جي چيئرمين حبيب جتوئي، ڊيموڪريٽڪ لائيرز فورم جي ڪنوينر ۽ قانوندان ايڊووڪيٽ ستار سرڪي، ايڊووڪيٽ انور حسين، ڊاڪٽر امرشي ٺاڪر، ڊاڪثر حسن لغاري ۽ ٻين حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سڄي سنڌ ۾ آمريت قائم ٿيل آھي، پر سياسي ڪارڪن، اڳواڻ ۽ عام ماڻھو سنڌ ۾ قائم ٿيل آمريت آڏو نٿو جهڪي، ان ڪري سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن خلاف انتقامي ڪاروايون ڪيون ٿيون وڃن ۽ پوليس جي ذريعي ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ٿا وڃن. هنن چيو ته سنڌ ۾ پ پ جي وڏيرن ۽ ڀوتارن کي سرڪار ٺاھڻ لاءِ پوليس ذريعي کٽرايو ويو، سنڌ حڪومت پوليس کي پنهنجي خانگي فورس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي. هنن چيو ته هڪ پاسي سنڌو درياهه کي بچائڻ جي تحريڪ ھلي پئي ته وري ٻئي پاسي سنڌو درياهه کي بچائڻ لاءِ ميدان عمل ۾ نڪرندڙ سياسي ڪارڪنن، اڳواڻن، وڪيلن، شاگردن ۽ صحافين کي روڪڻ لاءِ پوليس کي سياسي انتقامي ڪارواين لاءِ ڇوٽ ڏني وئي آھي، تازو سنڌ عوامي فورم جي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر انور حاجاڻو تي اي ٽي سي جي ايف آءِ آر سميت ٻيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا ويا آھن. متحرڪ سياسي ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽر انور تي داخل ڪيل ڪوڙن ڪيسن جي مذمت ڪيون ٿا. ڊاڪٽر انور جو ڏوهه صرف اھو آھي جو ھن لطيف آباد مان پي ايس 62 تي پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم خلاف چونڊن ۾ حصو ورتو، ڊاڪٽر انور حاجاڻو سدائين مظلومن جو ڀرجھلو ٿي ٻيٺو آھي، سڄي سنڌ خاص طور تي لطيف آباد ۾ مظلوم ماڻھن جي حقن لاءِ سياسي ڪردار ادا ڪندو رھي ٿو.