ڪئنالن جي معاملي تي اسيمبلي اجلاس گهرائڻ جو فيصلو ڪيو: آغا سراج دراني

ڪراچي (رپورٽر) اڳوڻي سنڌ اسيمبلي اسپيڪر ۽ ايم پي اي آغا سراج دراني احتساب عدالت جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته محترمه  بينظير ڀٽو سيکاريو آهي ته ڪيسن کي هميشه منهن ڏيڻ گهرجي، ۽ اسان اڳ به ڪيسن کي منهن ڏنو ۽ باعزت بري ٿياسين. احتساب عدالت ۾ آغا سراج دراني ۽ ٻين خلاف آمدني کان وڌيڪ اثاثا ٺاهڻ واري ريفرنس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران بريت واري درخواست تي دليل طلب ڪيا ويا. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 12 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي. آغا سراج دراني اميد ظاهر ڪئي ته هو هڪ ڀيرو ٻيهر عدالت مان باعزت بري ٿيندو. سنڌو درياهه مان ڪئنال ڪڍڻ بابت سوال تي آغا سراج دراني ٻڌايو ته سنڌ اسيمبلي جو اجلاس پارٽي طرفان گهرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جنهن بابت عوام کي جلد آگاهه ڪيو ويندو. بلوچستان ۾ ٽرين تي ٿيل دهشتگرد حملي بابت ڳالهائيندي هن پاڪ فوج جي بهادري کي ساراهيندي چيو ته فوج سدائين اهڙن واقعن کي ناڪام بڻائڻ ۾ ڪامياب رهي آهي، ۽ اسان ان کي سلام پيش ڪريون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.