ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته مفاد پرست سياسي قيادت سول توڙي ملٽري اسٽيبلشمنٽ جي سرپرستي ۾ سياست ۽ جمهوريت کي يرغمال بڻائي رکيو آهي، ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ حڪومتي رٽ مڪمل طور تي ختم ٿي چڪي، جامعه حقانيه اڪوڙه خٽڪ کان پوءِ بنون ۽ جعفرايڪسپريس تي ٿيندڙ حملا ۽ بيگناهه شهرين جي شهادت پوري قوم لاءِ فڪر جو مقام ۽ وفاقي توڙي صوبائي حڪومتن ۽ سيڪورٽي ادارن جي مڪمل ناڪامي جو ثبوت آهي. سنڌوءَ مٿان ڇهه نوان ڪينال ڪڍڻ واري ضد ذريعي سنڌ جي عوام کي به بغاوت تي مجبور ڪيو پيو وڃي، ڪينال سنڌ جي زندگي ۽ موت جو مسئلو توڙي ڪالاباغ ڊئم کان به وڌيڪ خطرناڪ منصوبو آهي،هن چيو ته 14 مارچ تي دريائن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌو جي حفاظت، پاڻي جي کوٽ جي خاتمي توڙي سنڌ ۾ امن امان جي بحالي لاءِ ”يومِ دُعا“ جو ڏهاڙو ملهايو ويندو جڏهن ته ڇنڇر تي ڪراچي ۾ جماعت اسلامي پاران علماءَ و مشائخ ڪانفرنس منعقد ڪري رهيا آهيون اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪراچيءَ پريس ڪلب ۾ جماعت اسلامي سنڌ پاران صحافين جي اعزاز ۾ رٿيل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي صوبائي جنرل سيڪريٽري محمد يوسف، نائب امير حافظ نصرالله چنا، سيڪريٽري اطلاعات مجاهد چنا، پريس ڪلب جو صدر فاضل جميلي، جنرل سيڪريٽري سُهيل افضل سميت پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان تعلق رکندڙ بَرک صحافي پڻ موجود هئا.