ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي اقليتي معاملن واري کاتي طرفان ڪراچي جي هڪ نجي هوٽل ۾ هندو برادري جي مذهبي ڏڻ هولي جي مناسبت سان رنگا رنگ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ مذهبي هم آهنگي ڪانفرنس سان گڏ افطار ڊنر جو پڻ اهتمام ڪيو ويو. تقريب ۾ سنڌ جي وڏي وزير جي اقليتي معاملن بابت خاص مددگار ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي، سينئر صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ، صوبائي وزير توانائي، ترقيات ۽ منصوبابندي ناصر حسين شاهه، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي چيئرمين نثار کهڙو، وڏي وزير جي انسپيڪشن اينڊ انڪوائريز بابت خاص مددگار وقار مهدي، وڏي وزير جي انساني حقن بابت خاص مددگار راجوير سنگھ سوڍو، وڏي وزير جي شاگردن جي معاملن بابت خاص مددگار منصور علي شاهاڻي سميت مختلف مذهبي شخصيتن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي چيو ته پيپلزپارٽي هميشه اقليتي برادري جي جان ۽ مال جي حفاظت ڪئي آهي، جنهن جو ثبوت پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اقليتي برادري جي مختلف تقريبن ۾ شرڪت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو اقليتي معاملن وارو کاتو اقليتي برادري جي بهتري لاءِ سرگرم آهي، جنهن ۾ مالي مدد، علاج جون سهولتون، شاگردن لاءِ اسڪالرشپس، عبادتگاهن جي سونهن، ڪميونٽي سينٽرز ۽ ٻين ترقياتي منصوبن تي ڪم ٿي رهيو آهي. حڪومتي سطح تي اقليتي برادري جي مذهبي ڏينهن ملهايا وڃن ٿا، جن مان اڄ جي تقريب هڪ مثال آهي، جتي هولي سان گڏ افطار ڊنر پڻ منعقد ڪيو ويو.شرجيل انعام ميمڻ تقريب کي خطاب ڪندي هندو برادري کي هولي جي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته سنڌ ڌرتي هميشه امن ۽ ڀائيچاري جي ڌرتي رهي آهي، نثار کهڙو چيو ته هن تقريب ذريعي هو هندو برادري کي هولي جي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۽ ملڪ جي ترقي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ مذهبي هم آهنگي انتهائي ضروري آهي. صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو ته هولي محبت، ڀائيچاري ۽ رواداري جو ڏينهن آهي، ان موقعي تي هندو برادري کي مبارڪباد پيش ڪيان ٿو.