ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ ثناءُ الله بلوچ چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس وانگر اسان جو ملڪ به يرغمال بڻيل آهي،جڏهن حڪمران طبقو پاڻ کي عقل ڪل سمجهندو هجي ۽ سمورا فيصلا لٺ،ڏنڊي يابندوق جي زور سان حل ڪرڻ چاهي ته اتي ان طرح جا واقعا ٿيندا آهن، آج ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته جڏهن ملڪ ۾ عدليه،آئين سڀ ڪجهه يرغمال هجي ته نان اسٽيٽ فيڪٽرز فائدو کڻندا آهن، بلوچستان مسئلي جي حل لاءِ هميشه آپريشن جو رستو اختيار ڪيو ويو،بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي جي تقرير بلوچستان جي مسئلي تي پيٽرول هارڻ برابر آهي، هن چيو ته بغاوتن کانپوءِ ڳالهين ذريعي ئي مسئلي جو حل ڪڍڻو هوندو آهي،اها ڳالهه اسان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ باغي نوجوانن کي به سمجهڻ گهرجي،بلوچستان جو هڪ طبقو سمجهي ٿو ته اسلام آباد يا وفاق بلوچستان کي بيٺڪي دور وانگر هلائي ٿو،اسان کي حق نٿا ملن،اها سوچ خراب ناهي،ماڻهن ۾ احساس محرومي وڌي رهي آهي