باجوا کي به جيل ۾ وجهو،دهشت گردي تي سروسز چيفس ايوان ۾ گهرايو:شير افضل

اسلام آباد(م ڊ) پي ٽي آءِ ايم اين اي شير افضل مروت چيو آهي ته فيض حميد کي توهان جيل ۾ وڌو،سٺو ڪيو،باجوا کي به اندر ڪريو،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته علي وزير اڄ به سکر جيل ۾ آهي،ماهه رنگ بلوچ هتي آئي ته پاڻي اڇلايو ويو،فوجي آپريشن بلوچستان مسئلي جو حل  ناهي، حڪومتي مشينري ان ۾ لڳل آهي ته پي ٽي آءِ دهشت گردن جي حق ۾ ٽوئيٽ ڪيا،هن چيو ته ڪشمير جو سودو جنرل باجوا ڪيو،ان کي ڪير ڪجهه نٿو ڪري سگهي ڇو ته هو اڳوڻو آرمي چيف آهي، ڪيستائين رڳو مذمتون ۽ قراردادون پيش ڪندا رهنداسين، سروسز چيفس کي گهرايو ۽ انهن کان پڇاڻو ڪريو،هن چيو ته ٻن مهينن لاءِ پاليسيون ٺاهيندا آهن، سمورين ايجنسين پاران سياستدانن کي ڊيڄاريو ويندو آهي، جنرلن جي اثاثن جي ڇنڊڇاڻ ڇو نٿي ڪئي وڃي؟ هن چيو ته جڏهن صوبن کي حق نه ڏنا ويندا ته دهشت گردي ٿيندي، پاڪستاني عوام کي ادارن جي ناڪامي جي ڪري انهن ادارن سان نفرت ٿي وئي آهي،هن چيو ته بلوچستان جي ماڻهن کي انهن جي پيارن جا لاش به نٿا ڏنا وڃن، سمورا ادارا آئين ۽ قانون جو احترام ڪن،دهشت گردي خلاف پاليسي فوج نه هن ايوان کي ٺاهڻي پوندي، پرڏيهي پاليسي اسٽيبلشمينٽ کي نه هن ايوان کي ٺاهڻي پوندي، هن چيو ته ضرب عضب ۽ ردالفساد سان اسان ڪجهه حاصل نه ڪيو، اسا ڪا دهشت گردي خلاف جنگ ناهي کٽي، هر اسٽيبلشمينٽ نئين پاليسي ٺاهيندي آهي، ڪڏهن گڊ طالبان ڪڏهن بيڊ طالبان بڻجي ويندا آهن،هن چيو ته انهن سروسز چيفس کي گهرائي ڪٽهڙي ۾ بيهاريو ۽ انهن کي ٻڌايو ته ماڻهو تنگ اچي ويا آهن، بعد ۾ پارليامينٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ اسيمبلي ۾ دل جون ڳالهيون ڪيون، پنجاب جا ماڻهو ايترا پريشان نه هوندا ڇو ته هن وقت ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ خون جي هولي کيڏي پئي وڃي،اسد قيصر چيو ته شرم حيا هجي ها ته دفاع وارو وزير استعيفيٰ ڏيڻ جو اعلان ڪري ها،هو پنهنجي نااهلي جو ملبو پي ٽي آءِ تي وجهي رهيو آهي،متحده جي فاروق ستار چيو ته اڄ پاڪستان ۾ جڳهه جڳهه رياست اندر رياستون بڻجي رهيون آهن،وزيراعظم اي پي سي گهرائي،بئريسٽر گوهر چيو ته پاڪ فوج ملڪ لاءِ قربانيون ڏئي رهي آهي، جعفر ايڪسپريس ڪامياب آپريشن تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيشن ڪريون ٿا، اسان کي ماضي وساري اڳتي وڌڻو پوندو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.