ميرپوربٺورو(ن ع آ)ميرپوربٺورو تعلقي ۾ لکين ايڪڙ زمين آباد ڪندڙ ۽ شهرن ۽ ڳوٺن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪندڙ گنج بحر ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن گهاڙي واهه، جعفرا واھه، فتح واهه، چور واهه، بگهاڙ واهه ۽ ڇنڊڻ شاخ سميت مختلف شاخن ۾ لاڳيتو پاڻي کوٽ جي خلاف وڏي تعداد ۾ آبادگارن ۽ هارين شفيع محمد زئور،ايڊووڪيٽ دائود زئورجي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري گنج بحر ڪئنال کي پاڻي ڏيو،ميرپوربٺورو تعلقي کي پاڻي ڏيو،گنج بحر ڪئنال سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪريو ۽ پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا جي سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ آبادگارن ۽ هارين احتجاج ڪندي چيو آهي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي نااهلي سبب ميرپوربٺورو تعلقو پاڻي کوٽ کي منهن ڏيئي رهيو آهي، انهن چيو ته گنج بحر ڪئنال ۽ ان مان نڪرندڙ شاخن ۾ لاڳيتو پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب نه رڳو زرعي فصل سوڪهڙي جو شڪار آهن پر انساني آبادي ۽ جانورن جي پيئڻ جي لاءِ به پاڻي ناهي.