لاڙڪاڻو(عبدالوحيد ابڙو) لاڙڪاڻي ۾ مختلف سياسي، سماجي ۽ قومپرست جماعتن طرفان سنڌو درياھ مان زبردستي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف شهر جي نشتر روڊ کان ريلي ڪڍي قائد عوام پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جتي هنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ جهنڊا کڻي سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو،نديم علي جاگراڻي،عبدالجبار ٻٻر،شاهد لانگاھ، احسان جتوئي، گڊو ميراڻي،خالد مگسي ۽ ٻين ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت سنڌ جي ماڻهن لاءِ عذاب بڻجي چڪي آهي، جنهن هميشه سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪري سنڌي مائروڙن کي بک، بدحالي، بيروزگاري جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. هنن چيو ته تازو وفاقي حڪومت پي پي پي جي ملي ڀڳت سان سنڌو درياھ مان زبردستي 6 تڪراري ڪئنال ڪڍي پنجاب جي چولستان کي آباد ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.