ڪئنالن خلاف وڪيلن جا لاڙڪاڻي ۽ موري ۾ مظاهرا

لاڙڪاڻو/مورو(نمائندا ) سنڌو درياءَ مان غيرقانوني ڇھ ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف  لاڙڪاڻو بار ايسوسيئشن جي سڏ تي وڪيلن  پاران احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي وڪيل اڳواڻن بھادر علي شاھاڻي، احسان مري،اسد ٻرڙو،ذوالقرنين آگاڻي،محمد اسلم جتوئي،مسلم جتوئي،مختيار احمد جهتيال، غلام مصطفي شاهه، شبير جتوئي، ارشاد لاشاري، عبدالغفار سومرو، احمد علي بوهڙ، سجاد علي ابڙو، حاڪم علي جتوئي ۽ رستم جويو چيو ته سنڌو درياھ تي ڪئنال اڏڻ سنڌ جي هزارين سالن جي ثقافت سان هٿ چراند ڪرڻ آھي جيڪا ڪڏهن به قبول نه ڪئي ويندي سنڌو درياھ جو رخ موڙڻ ڪروڙين سنڌين جي نسل ڪشي ڪرڻ جي برابر آهي، هوڏانهن مورو بار ايسوسيئيشن جي صدر ايڊووڪيٽ قادر ڪورائي، ايڊووڪيٽ امين الدين خاصخيلي، ايڊووڪيٽ اي ڪي عباسي، ايڊووڪيٽ امداد حيدر سولنگي، ايڊووڪيٽ نذير راجپوت، ايڊووڪيٽ سجاد علي ڪلھوڙو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مورو بار کان پريس ڪلب مورو تائين احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو،اڳواڻن چيو ته ڪينال ٺاھي سنڌ جون زمينون بنجر بنائڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.