زراعت ۽ سياحت بابت ايس آءِ ايف سي رٿائن تي تنقيد،سويلين ادارن جي جاءِ گهٽجي پئي:بي بي سي

ڪراچي( ع آ نيوز) سنڌو درياهه تي 6 ڪئنال ٺاهڻ خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي، بي بي سي موجب زراعت ۽ سياحت بابت ايس آءِ ايف سي جي منصوبن تي تنقيد ڇو ٿي رهي آهي؟ جي سوال تي هڪ سروي رپورٽ ڪئي آهي، جنهن ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ محمود نواز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن 30، 40 لک هيڪٽر زمين ڪاغذن تي آباد ڪئي وڃي ۽ آمدني به ڏيکاري وڃي ته پوءِ سٺو لڳندو، پر ان لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو؟، ”جيڪڏهن ان کي اڳ ۾ ئي آباد زمينن جو پاڻي کڻڻو آهي ته اها پاڪستان جي معيشت لاءِ سٺي ڳالهه نه هوندي، بي بي سي موجب هڪ احتجاج ۾ شريڪ عورت چيو ته سنڌ ۾ اڳ ئي پاڻي ناهي، مٿان عسڪري ادارن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ بچيل پاڻي کان محروم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، سانگهڙ جي جهول تعلقي جي هڪ هاري تاج محمد خاصخيلي پنهنجي زمين جو فصل ڏيکاريو جنهن کي پاڻي نه پيو ملي، جنهن چيو ته اسان کي ٻڌايو پيو وڃي ته پاڻي مٿي کان نه پيو اچي، ته پوءِ اسان جا ته لکين لکين رپيا ٻڏي ويا، سنڌ جي آبپاشي کاتي جي وزير ڄام خان شورو جو چوڻ آهي ته 1991ع واري معاهدي ۾ ارسا جو رڪارڊ چوي ٿو ته هو پاڻي کوٽ سبب ان تي عمل نه ڪري سگهيا آهن، جڏهن کوٽ آهي ته پوءِ نئون ڪمانڊ ايريا ڪيئن ٺهي سگهي ٿو؟، پنجاب جي کاتي ۾ هميشه 15 کان 20 سيڪڙو کوٽ ٻڌائي وئي آهي، جيڪڏهن پنهنجي حصي ۾ کوٽ آهي ته اضافي پاڻي ڪٿان ايندو؟ سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي جو موقف واضح آهي ته ڪنهن به صوبي جي خوشحالي تي ڪو به اعتراض ناهي پر سنڌ جي حصي جو پاڻي نه ڏينداسين، ان کان اڳ وفاقي وزير احسن اقبال  هڪ بيان ۾ يقين ڏياريو ته سنڌ جو پاڻي جو رخ ڪنهن به صورت ۾ نه ڦيرايو ويندو ۽ نه ئي ڪو صوبو ڪنهن ٻئي صوبي کي ان جي وسيلن کان محروم ڪندو، ’گرين ٽوئرزم ڪمپني لميٽيڊ‘ جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ حسن اظهر حيات بي بي سي کي ٻڌايو ته ايس آءِ ايف سي جي قيام کانپوءِ احساس ٿيو ته اسان وٽ سياحت جو هڪ شعبو به آهي جيڪڏهن اسان ان شعبي تي ڪم ڪريون ته تمام جلد فائدا حاصل ڪري سگهجن ٿا، گلگت بلتستان عوامي ايڪشن ڪميٽي جي صدر ايڊووڪيٽ احسان علي بي بي سي کي ٻڌايو ته هي گرين نه پر بليڪ ڌنڌو آهي، جيڪا مقامي ماڻهن جي مفادن خلاف جبر جي بنياد تي قائم ڪيو ويو آهي، سيڪيورٽي ادارا اڳي ئي معيشت جي ڪنٽرول ۾ هئا، پر هاڻي هنن پنهنجون نظرون هڪ اڌ بچيل سياحت واري شعبي تي به آهن، هن الزام هنيو ته حڪومت سان جيڪو معاهدو ٿيو آهي، اهو فوج پاران تيار ڪيل هڪ طرفو معاهدو آهي،  جنهن جا شرط به پاڻ طئي ڪيا آهن ۽ ڪابينا ميمبرن جون صحيحون به ورتيون ويون آهن، ٻئي طرف خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي سياحت بابت صلاحڪار زاهد چن زيب بي بي سي کي ٻڌايو ته هو گرين ٽورازم کان صوبائي اثاثا واپس وٺڻ لاءِ لاڳاپيل کاتي سان رابطي ۾ آهن، گرين ٽورازم نگران حڪومت سان جيڪو معاهدو ڪيو هو ان کي تسليم ئي نٿا ڪريون، پي ڊي ايم حڪومت کي صوبائي اثاثا ڪنهن جي حوالي ڪرڻ جو اختيار ناهي، زاهد چنزيب چيو ته منهنجو موقف آهي ته فوج پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏئي ۽ سياحت جو شعبو صوبائي حڪومت جي حوالي ڪري، توهان جو ڪاروبار سان ڪهڙو واسطو؟ توهان نفعي جو سٺ 60 سيڪڙوکڻي ٿا وڃو، توهان جيڪو ڪم ڪيو اهو سون ۽ اسان ڪيو اهو مٽي؟!گرين ٽورزم جي سربراهه جنرل حسن اظهر حيات چيو آهي ته چن زيب صاحب جي تقرير (سرڪاري سطح تي ڪمپني خلاف) هڪ منفرد مثال آهي، ان ۾ ”ٿوري غلط فهمي“ آهي، صحافي ۽ تجزئي نگار بينظير شاهه سوال اٿاريو ته ڇا ون ونڊو يا ون اسٽاپ شاپ سولين ادارا نٿا ٺاهي سگهن، انهن کي صرف اسٽيبلشمينٽ شامل ڪري ٺاهڻ جي ضرورت ڇو آهي؟ زرعي شعبي ۾ هڪ خانگي ڪمپني ٺاهي وئي آهي جنهن کي هزارين ايڪڙ زمين ڏني وئي آهي جيڪا اڳتي هلي ليز تي ڏني ويندي، اها عجيب صورتحال آهي ته حڪومت پنهنجي زمين ڪنهن پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپني کي ڇو ڏئي، نه رڳو ايترو پر منافعي جي شيئرنگ به پرائيويٽ ڪمپني سان ڪئي پئي وڃي ۽ ان حوالي سان ڪنهن کي به تفصيل فراهم نه ڪيا پيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.