قمبر ۾ سپاف شهيد ڀٽو جي سنڌوءَ تي ڌاڙي خلاف ريلي

قمبر(ڊ ر)قمبر ۾ سپاف پ پ شهيد ڀٽو طرفان جـونـيئر ذوالفقار علـي ڀــٽـو جــي حــڪم تـــي ڄامـشورو ۾ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن  مٿان پوليس لاٺي چارج ۽ سنڌو درياء مان 6  نوان ڪينال ٺاھڻ خلاف  جناع باغ  قمـبر کان  پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ شريڪ وئي ريلي ۾ شريڪ اڳواڻن بــرڪـت عـلي مـيرجـت،ڪـامـريڊ مـحمد جان بروھي،اعجاز ليدي،مـيرگوپانگ،اياز علي ميرجت،ﷲ ڏنو گوپانگ،نـثار احـمد کـوسـو،شعيب علي مگسي،دائـم گوپانگ،علي گل مگسي پرويز مگسي  ۽ ٻين چيو ته سنڌو درياهه مٿان 6 ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ برابر  آهي

  • ڪئنالن خلاف ڄامشوري ۾ قانون جا شاگرد روڊن تي نڪري آيا

ڄامشورو(ڊر) سنڌو درياهه تي اضافي ڪئنال اڏڻ خلاف ڄامشوري ۾ قانون جا شاگرد رستن تي نڪري آيا آهن، سنڌ يونيورسٽي  سان لاڳاپيل مختلف قانون وارن ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽس ۾ پڙهندڙ سوين شاگردن 3 ڪلوميٽر پيادل مارچ ڪري ڄامشورو  ڦاٽڪ تي پهچي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، سنڌ يونيورسٽي ھائوسنگ سوسائٽي کان نڪتل مارچ جي وک وک تي آجيان ڪري گلن جي ورکا ڪئي وئي، مارچ ۾ شامل شاگردن تڪراري ڪئنالن واري منصوبي خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي شاگردن جو چوڻ هو ته سنڌو درياهه سنڌي قوم جو جياپو آهي، جنهن کي سڪائڻ نه ڏينداسين.

  • ڪئنالن خلاف ڏهرڪي ۾ عدالتي بائيڪاٽ

ڏهرڪي ( رپورٽ: اجيت ڪمار )ڏهرڪي تعلقه بار ايسوسيئيشن ڏهرڪي جي وڪيلن پاران سنڌو درياءٌ تي 6 نوان ڪينال ٺاھڻ واري منصوبي خلاف عدالتي ڪاروائي جو بائيڪاٽ ڪندي احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي وڪيلن ڄام عبدالفتح سميجو،چوڌري شاهد حسين، جاويد سومرو، ياسين ڪوڀر۔ مهتاب چاچڙ ۽ ٻين چيو ته وفاق جي ملي ڀگت سان جيڪي سنڌو درياءٌ تي 6 نوان ڪينال ٺاھڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اھا سنڌ جي عوام سان دشمني آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.