عورتن کي اڳتي هر شعبي ۾آڻڻ قوم جي مفاد ۾ آهي:صدر زرداري

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عورتن کي تعليم، معيشت ۽ قيادت ۾ اڳتي آڻڻ سڄي قوم جي مفاد ۾ آهي، عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو آهي ته پاڪستان عورتن جي حقن جي فروغ لاءِ پرعزم آهي، عورتن کي برابري جا حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ قومي ترقي لاءِ ناگزير آهي، صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته جيڪي معاشرا برابري جا حق ڏين ٿا اهي وڌيڪ خوش ۽ پرامن هوندا آهن، اڄ عورتن جي ثابت قدمي ۽ ڪردار کي سڃاڻڻ جو ڏينهن آهي، هر عورت کي برابري جا حق ۽ موقعا فراهم ڪرڻ ضروري آهي، هن چيو ته عورتن کي اڃا به تشدد ۽ امتيازي سلوڪ جهڙن چئلينجن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، عورتن جي تحفظ ۽ معاشي آزادي لاءِ وڌيڪ قدمن جي ضرورت آهي، عورتن کي ڪاروبار ۽ خانگي شعبي ۾ محفوظ ماحول ۽ برابر اجرت ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.