ڪراچي(پ ر)خواتين محاذِ عمل،ڪراچي چيپٽر گرين پاڪستان پروجيڪٽ تحت سنڌو درياءَ تي ڇھن ڪئنالن اڏڻ واري معاملي تي سخت اعتراض واريو آھي.ويف، پنھنجي اھڙي احتجاج رڪارڊ ڪرائڻ جي سلسي ۾ صدرِ پاڪستان، وزيرِ اعظم پاڪستان ۽ ملڪ جي چئني صوبن جي وڏن وزيرن کي خط لکيا آھن. ويف پنھنجي خطن ۾ حڪومت کي اھوواضح ڪيو آھي ڪئنال ٺهڻ جي نتيجي ۾ سنڌو درياءُ سڪي ويندو ۽ ھاري ناري نه رڳو بيروزگار ٿيندا بلڪه عوام سخت بک بدحاليءَ جو شڪار ٿي ويندوويف مطالبو ڪري ٿي ته سنڌونديءَ مان چولستان ڪينال سميت 6 اسٽريٽيجڪ ڪينال ڪڍڻ جي منصوبي کي مڪمل طور تي رد ڪيو وڃي. 8جولاءِ 2024ع تي ايوان صدر ۾ صدر زرداري جي زير صدارت گرين پاڪستان انيشيٽو جي ميٽنگ کي غير آئيني ۽ غير جمهوري قرار ڏئي رد ڪيو وڃي پاڻيءَ سان لاڳاپيل فيصلا ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ(سي سي آءِ) جي ذريعي ٿيڻ گھرجن