اسلام آباد(م ڊ ) سينيٽ اجلاس سيد يوسف رضاگيلاني جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيپلزپارٽي جي سينيٽر شيري رحمان پاران قرارداد پيش ڪئي وئي. قرارداد ۾ چيو ويوآهي ته عورتن جي معاشي ترقي جي لاءِ حڪومت پنهنجو ڪردار ادا ڪري. عورتن جي ننڍي عمر ۾ جبري شادي کي روڪيو وڃي عورتن کي نوڪرين ۾ برابر جون پگهارون ۽ موقعا ڏنا وڃن.عورتن کي زراعت بابت سهولتون ڏنيون وڃن.غيرت جي نالي تي ڏوهن جي جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ ان ۾ سخت سزائون مقرر ڪيون وڃن. قيادت ۽ ڪاروبار ۾ عورتن جو انگ وڌائڻ لاءِ اسڪالرشپ ۽ رهنمائي پروگرام متعارف ڪرايا وڃن.عورتن لاءِ محفوظ ٽرانسپورٽ. چائلڊ ڪيئر ۽ ڊجيٽل وسيلن جي دستيابي کي يقيني بنايو وڃي کين زمين جا حق ۽ مالي مدد ڏني وڃي عورت رانديگرن لاءِ سيڙپڪاري ۽ راندين ۾ برابري جا موقعا پيدا ڪيا وڃن.شيري رحمان چيو ته عورتن جي ڪيسن ۾ پراسيڪيوشن سستي جوشڪار آهي. سنڌ ڪلب ۾ عورتن کي ووٽ وجهڻ جي اجازت ناهي، ان ڪلب ۾ وڃڻ وارن کي شرم اچڻ گهرجي..بعد ۾ متفقه قرار داد منظور ڪئي وئي