آمريڪا پاران يوڪرين کي امداد جي بندش

تحرير: ياسمين چانڊيو

عالمي سياست جي شطرنج ۾ هر چال ڪنهن وڏي منصوبي جو حصو هوندي آهي. يوڪرين لاءِ آمريڪا جي امداد بند ڪرڻ جو فيصلو صرف مالي يا فوجي بندش نه آهي، پر هي عالمي طاقت جي ورهاست ۾ نئين صف بندي جو اعلان آهي. دنيا جي تجزيا نگارن هن فيصلي تي مختلف راءِ ڏني آهي، پر جيڪو بنيادي سوال اڃا تائين موجود آهي، اهو آهي ته قرض ڏيندڙن ملڪن تي آمريڪي پاليسين ۾ ڪهڙو ردوبدل ايندو؟ ڇا هي پاليسيءَ فقط يوڪرين تائين محدود آهي، يا اڳتي هلي ٻين ملڪن لاءِ به ساڳيو نسخو لاڳو ڪيو ويندو؟ آمريڪا جي پاليسين جو بنياد سدائين مفاد تي رهيو آهي. جڏهن يوڪرين تي روسي جارحيت شروع ٿي، تڏهن آمريڪا پنهنجو پاڻ کي آزادي ۽ جمهوري قدرن جو علمبردار پيش ڪيو. پر حقيقت ۾ هي جنگ نيٽو جي واڌاري جي پاليسيءَ جو نتيجو هئي. امداد جي نالي تي آمريڪا يوڪرين کي روس خلاف هڪ سامهون واري مورچي طور استعمال ڪيو. هاڻ جڏهن مفادن جا پاسا بدلجي رهيا آهن، ته يوڪرين کي بي يارو مددگار ڇڏي ڏنو ويو آهي.

تجزيا نگارن هن فيصلي تي مختلف رايا ڏنا آهن. يورپي يونين جا تجزيا نگار ان کي آمريڪي بي وفائي جو تسلسل سڏين ٿا، جڏهن ته روسي ۽ چيني مبصرن ان کي "نئين عالمي ورهاست” جي شروعات قرار ڏنو آهي. وچ اوڀر جي تجزيا نگارن جو خيال آهي ته هي پاليسي اڳتي هلي ايران، شام ۽ فلسطين تي به اثرانداز ٿيندي.اها هڪ دلچسپ حقيقت آهي ته جڏهن يوڪرين بابت ڳالهيون تيز ٿيون، تڏهن  آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاڪستان جي تعريف ڪندي چيو ته "پاڪستان دهشتگردي خلاف بهترين ڪردار ادا ڪيو آهي.” هن اهو به ذڪر ڪيو ته پاڪستان افغانستان جي شريف الله کي گرفتار ڪري واضح ثبوت ڏنو. پر هي بيان به هڪ سفارتي چال هئي، ڇو ته افغانستان ۾ دهشتگردن جي پالنا سدائين آمريڪا جي پنهنجي پاليسين جو حصو رهي آهي.

آمريڪا جي پاليسي سدائين "ويڙهائيندا وڃو، حڪومت ڪندا وڃو” تي ٻڌل رهي آهي. افغانستان ۾ آمريڪا پاڪستان کي سدائين فرنٽ لائين اتحادي طور پيش ڪيو، پر حقيقت ۾ پاڪستان کي هڪ مستقل جنگي محاذ بڻايو ويو. جهڙي طرح يوڪرين کي روس خلاف استعمال ڪيو ويو، اهڙي ئي ريت پاڪستان کي افغانستان خلاف استعمال ڪيو ويو.يوڪرين تي امداد جي بندش جا اثر رڳو يورپ تائين محدود نه رهندا، پر ايشيا، وچ اوڀر ۽ لاطيني آمريڪا تائين پکڙجي سگهن ٿا. يوڪرين جي ڪمزوري روس کي پنهنجا اثر رسوخ وڌائڻ جو موقعو فراهم ڪندي. روسي اثر خاص طور تي وچ ايشيائي ملڪن، شام، ايران ۽ وچ آفريڪا تائين وڌڻ جا امڪان آهن.

چين، جيڪو اڳ ئي آمريڪا جي خلاف آهي، روس جي حمايت سان پنهنجو اقتصادي ۽ سياسي اثر وڌائيندو.افغانستان هميشه آمريڪا جي مفادن لاءِ "قرباني جو ٻڪر” رهيو آهي. آمريڪا هميشه پاڪستان کي افغانستان خلاف ويڙهائيندو رهيو آهي. يوڪرين جي امداد بند ڪرڻ سان اهو خدشو وڌي ويو آهي ته آمريڪا وري پاڪستان ۽ افغانستان ۾ استحڪام کي نقصان پهچائي سگهي ٿو.

يورپي يونين جي ملڪن ۾ پناهگيرن جو نئون بحران پيدا ٿيندو. پولينڊ، جرمني ۽ فرانس جهڙا ملڪ سياسي ۽ معاشي بحران جو شڪار ٿيندا.

موجوده  صورتحال جي ڪري تيل ۽ گئس جي منڊي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿيندو، جنهن سان سڄي دنيا ۾ مهانگائي جي هڪ نئين لهر اچي سگهي ٿي.يوڪرين جو مثال پاڪستان لاءِ هڪ واضح سبق آهي. ته امداد تي هلندڙ قومون هميشه سامراجي چالن جو شڪار بڻجن ٿيون. پاڪستان کي هيٺيان قدم کڻڻ گهرجن !تجارتي لاڳاپا چين، روس ۽ وچ ايشيائي ملڪن سان واپار وڌائڻ، مقامي وسيلن مان بجلي ۽ گئس پيداوار وڌائڻ، مقامي دفاعي صنعتن کي هٿي ڏيڻ، يوڪرين جو بحران عالمي سياست جو نئون باب آهي، جيڪو ٽين عالمي جنگ جي شروعات جو پيش خيمو بڻجي سگهي ٿو. امداد تي هلندڙ قومون سدائين وقتي مفادن جو شڪار بڻجن ٿيون. پاڪستان ۽ ٻين ترقي پذير ملڪن لاءِ اهو وقت آهي ته اهي پنهنجي پاليسين جو بنياد قومي خودمختياري، معاشي خود انحصاري ۽ سفارتي لچڪ تي رکين.عالمي سياست جي هن نئين شطرنج ۾ صرف اهي قومون زنده رهنديون، جيڪي پنهنجين وسيلن تي ڀاڙينديون ۽ سامراجي چالن کان محفوظ رهنديون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.