2015ع ۾ بل گيٽس TED Talk ۾ عجيب پيشن گوئيون ڪيون، جن مان مکيه ”هڪ عالمي وبا جي گارنٽي ڏنل پيشن گوئي هئي ۽ اها ڳالهه ته دنيا اهڙي وبا لاءِ تيار نه آهي“. 2000 کان لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن تائين بل گيٽس ويڪسين ٺاهڻ ۽ وائرسز خلاف ڪوشش ۾ 10 ارب ڊالرن کان مٿي سيڙپ ڪري چڪو هو، جن مان هن ڪروڙين ڊالر ميسينجر آر اين اي (mRNA) ٽيڪنالاجي جي تحقيق تي لڳايا (ياد رهي ته Pfizer ڪمپني جي mRNA ٽيڪنالاجي تي تيار ٿيل ڪووڊ 19 خلاف وئڪسين بيڪار ثابت ٿي آهي، جنهن جو ڪمپنيءَ به اعتراف ڪيو آهي). بل گيٽس جو چين جي ووهان ليباريٽريءَ ۾ ٿيندڙ تحقيق سان لاڳاپو ڏهاڪو سالن کان وڌيڪ عرصي جو آهي.
بل گيٽس، آمريڪا جي مشھور ڊاڪٽر فاسي (Fauci) سان گڏ ڪم ڪرڻ لڳو. مُکُ ميڊيا، بل گيٽس کي ”گلوبل وبا کي منھن ڏيڻ جو حقيقي ليڊر“ چوڻ لڳي. واشنگٽن پوسٽ بل گيٽس کي لقب ڏنو، ”ارب پتي جنھن وبا لاءِ دانھيو“. (The Billionaire who cried Pandemic) ان کان به پھريان 2016 ۾ رسالي نيچر ۾ هڪ مضمون ڇپيو، جنھن ۾ اها ڪاميابيءَ سان دعويٰ ڪئي وئي هئي ته سائنسدانن، چمڙي جي ڪرونا وائرسن کي، انسانن ۾ بيماري پيدا ڪرڻ جي قابل بڻائي ڇڏيو آهي. ان مضمون جو عنوان هو “Engineered Bat Virus Stirs Debate Over Risky Research”.
هن تحقيق ۾ سائنسدانن هڪ گاڏڙ وائرس ٺاهيو، جنھن ۾ چين جي گهوڙي جي نعل جھڙن چمڙن (SHC014) جي وائرس جي خول جي پروٽين کي SARS Virus (Severe Acute Respiratory Syndrome) جي ڍانچي مٿان چنبڙائي ڇڏيو. ان کان پوءِ اهو گاڏڙ وائرس انسان جي ڦڦڙن تي حملو ڪري سگهي پيو.
ان ڪري ڪرونا 19 وائرس لاءِ اها دعويٰ ڪئي ٿي وڃي ته ان کي ليباريٽريءَ ۾ ٺاهيو (Engineer) ويو هو، اهو قدرتي طور وجود رکندڙ وائرس نه هو. پر آمريڪا جو مکيه صحت عامه جو آفيسر ڊاڪٽر اينٿوني فاسي ان ڳالهه کان انڪار ڪري رهيو هو. (اڄڪلهه ڊونالڊ ٽرمپ جي ٻيھر صدر ٿي وڃڻ کان پوءِ ڪانگريس ۾ ڊاڪٽر فاسي جي چڱي کچائي ٿي رهي آهي).
ڊاڪٽر فاسي ۽ آمريڪا جي نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جو سربراهه ڊاڪٽر فرانسس ڪولنس – ٻئي ان ڳالهه کان انڪار ڪرڻ لڳا، جنھن تي وال اسٽريٽ جرنل پنھنجي ڊسمبر 21، 2021 جي شماري ۾ هيئن لکيو، ”اينٿوني فاسي ۽ فرانسس ڪولنس کُلي عام آمريڪي ماڻهن تي ان ڳالهه جو زور ڀريو ته هو ’سائنس جي پيروي ڪن“. پر آڪٽوبر 2020 ۾ هارورڊ جي مارٽن ڪلڊورف، آڪسفورڊ جي سنترا گپتا ۽ اسٽينفورڊ جي لي ڀٽاچاريا ڪرونا وبا جي ڪري آمريڪا ۾ زوريءَ ڪرايل لاڪ ڊائون خلاف هڪ گڏيل بيان جاري ڪيو، جنھن کي ’گريٽ بيرنگٽن پڌرنامو‘ (Great Barrington Declaration) سڏيو وڃي ٿو. هنن لاڪ ڊائون جي مسئلي تي ”آزاد ڳالهه ٻولهه“ڪوٺائڻ جي ڳالهه ڪئي. آمريڪا جي صحت عامه جي گنبذ جي چوٽيءَ تي ويٺل ڊاڪٽر فاسي ۽ فرانسس ڪولنس، لاڪ ڊائون خلاف ڳالهائيندڙن کي برو ڀلو چوڻ لڳا ۽ ان مسئلي تي ڪنھن به بحث مباحثي کي چٿڻ لڳا.
عالمگيريت پسندن، ڪرونا وبا جي ڦھلجڻ مان پنھنجن مقصدن کي پوري ڪرڻ جو سنھري موقعو ڏٺو، جيڪو عالمي حڪومت قائم ڪرڻ جو سندن ديرينه خواب هو.
بل گيٽس 14 فيبروري 2020 تي گيٽس فائونڊيشن، سيٽل تي هڪ گڏجاڻي ڪوٺائي ۽ آمريڪا جي چوٽيءَ جي سائنسدانن ۽ آفيسرن کي ٻڌائڻ لڳو ته ڪرونا وبا جي ڦھلجڻ جي صورت ۾ هنن کي ڇا ڪرڻ گهرجي.
”اسان هميشه کان ڄاتو هو ته هڪ فطري طور پئدا ڪيل يا ڄاڻي واڻي پئدا ڪيل وبا، انھن ٿورڙين شين مان هڪ آهي، جنھن ۾ اها ڳجهي طاقت آهي ته صحت جي سرشتن ۽ معيشتن ۾ رخنو وجهي ۽ هڪ ڪروڙ کان وڌيڪ موت ڪري سگهي“.
(Todd Bishop: Bill Gates Warns that Corona Virus impact could be very very dramatic, outlines long-term solution)
28 فيبروري 2020 تي بل گيٽس هي سِٽون، ٽوئيٽ ڪيون (جيڪي WHO طرفان ڪووڊ وبا جو سرڪاري طور اعلان ڪرڻ کان رڳو 12 ڏينھن پھريان هو).
”ڪووڊ – 19 پوري هڪ صديءَ ۾ هڪ وبا ٿي سگهي ٿي پر سٺي خبر هيءَ آهي ته اسان وٽ ان جي اثر کي ڍرو ڪرڻ لاءِ اهڙا قدم/ اپاءَ موجود آهن، جيڪي اسان هاڻي کڻي سگهون ٿا ۽ وڌيڪ مؤثر نموني ان کي موٽ ڏيڻ ۾ اسان جي مدد ڪري سگهن ٿا جڏهن ٻي وبا پھچي“.
هن انھن اهم وسيلن بابت ڳالهايو جيڪي دنيا کي اهڙي ڪنھن شيءِ جي تياري ڪرڻ ۾ مدد ڪرڻ لاءِ هن جي فائونڊيشن ڪيترن سالن کان خرچ ڪري چڪي آهي. (Bishop: Bill Gates Warns)
حقيقت ۾ بل گيٽس کي گهڻي وقت کان ان ڳالهه جو خوف هو ته هڪ عالمي وبا (Global Pandemic) اچي رهي آهي.
بل گيٽس 2015 ۾ هڪ تقرير ڪئي، جنھن ۾ هن خطرناڪ پيشن گوئيون ڪيون، جن ۾ مکيه پيشن گوئي اها هئي ته هڪ عالمي وبا لازمي اچڻي آهي ۽ اهو ته دنيا ان لاءِ تيار نه آهي .
(Bill Gates, “The next outbreak, we are not ready” April 2015)
اپريل 2020 نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن بل گيٽس جو ڪرونا وائرس خلاف ردعمل (Response) جو خاڪو Blue Print)) ڇاپيو.
ان ۾ جرنل هڪ فارم به ڇاپيو، جنھن ۾ ان خاڪي جي مصنف يعني بل گيٽس کان اهو پڇيو ويو ته آيا ان ۾ هن جي مفادن جو ٽڪراءُ (Conflict of Interest) ته موجود نه آهي، جنھن جي جواب ۾ بل گيٽس لکيو ته ’ها‘، اهي ڪھڙا مفادن جا ٽڪراءَ هئا، جنھن تي هن لکيو، ’ڪيترائي‘. (Bill Gates: Responding to Covid-19, A once in a century pandemic New England Journal of Medicine, April 2020)
گيٽس چيو ته دنيا ساڳي عام رواجي حالت ۾ صرف تڏهن موٽندي جڏهن اسان سموري عالمي آباديءَ کي گهڻي ڀاڱي وئڪسين ڪري چڪا هونداسين. بِل گيٽس وئڪسين ڪرائڻ تي زور ڀري رهيو هو ڇو ته هن جي وئڪسين جي پئداوار ۾ سيڙپ ٿيل هئي، جنھن مان هن کي وڏو فائدو پھچي رهيو هو. پر دنيا ڏٺو ته اها وئڪسين بي اثر نڪتي.
ننڍن، ريزڪي ڪاروبار ڪندڙن کي هن وبا ۾ ڪاپاري ڌڪ رسيو، پر وڏين ڪارپوريشنن جيئن ٽارگيٽ، والمارٽ، ڪوسٽڪو، اميزان وغيره کي زبردست فائدو ٿيو.
هڪ اندازي مطابق انھن وڏين ڪمپنين کي هڪ کرب ڊالرن کان وڌيڪ جو نفعو ٿيو، جڏهن ته 5 ڪروڙ 80 لک آمريڪي بي روزگار ٿي ويا.
راڪفيلر، بل گيٽس ۽ گُڊ ڪلب جي ميمبرن آڏو انسان ذات جو وڏي ۾ وڏو مسئلو حد کان وڌيڪ آدمشماري آهي، جنھن لاءِ هنن يوجينڪس، آباديءَ تي ڪنٽرول/ خانداني منصوبه بندي ۽ هاڻي وئڪسينن جو استعمال ڪرڻ شروع ڪيو آهي. بل گيٽس جي لفظن ۾،
”دنيا جي آبادي اڄ 6.8 ارب آهي، جيڪا اٽڪل 9 ارب ٿيڻ وڃي رهي آهي. هاڻي جيڪڏهن اسان نين وئڪسينن، صحت جي سنڀال، توليدي صحت جي خدمتن تي حقيقي طور هڪ عظيم ڪم ڪيون ته اسان شايد دنيا جي آبادي 10 يا 15 سيڪڙو تائين گهٽائي سگهون ٿا“.
(Gabrielle Settles: Bill Gates didn’t say, he wanted to use vaccines to reduce the population. PolitiFact, 2021).
بل گيٽس مڃي ٿو ته هن وئڪسينن جي پئداوار تي اربين ڊالر خرچ ڪيا آهن. (Tim lewis: Bill Gates: Vaccines area miracle, Guardian, 2022)