سڀني ديس واسين کي پنهنجي جدوجهد جو عملي طور حصو بڻائڻو پوندو

تحرير: احمد خان جمالي

 ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪئنال ڪڍڻ جي  منصوبن جي خلاف مهينن کان سنڌ سراپا احتجاج آهي.  سنڌ سرڪار جي قيادت جي طرفان اها خاطري ڪرائڻ ته ” ڪوبه ڪئنال نه ته ٺهي پيو ۽  نه ئي ٺهندو "، جڏهن ته ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ جي منصوبن تي ” آن گرائونڊ تيزي سان ڪم هلي رهيو آهي ". نه ته سراپا احتجاج سنڌ جي ڪنهن کي پرواہ آهي ته  نه ئي سنڌ سرڪار کي ڪير پچڻ وارو آهي. هن وقت تائين زرداري پارٽي، ن . ليگ، ايم ڪيو ايم، جماعت اسلامي، جميعت العلماءَ پاڪستان ، تحريڪ انصاف ۽ جي ڊي اي، ان سلسلي ۾ مجرمانه ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته جي ڊي اي ۾ شامل ھجڻ جي باوجود سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، قومي عوامي تحريڪ، ڀرپور ۽ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي.  انهن ٻنهي جماعتن کان سواءِ  ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان، سنڌ هاري ڪميٽي، عوامي تحريڪ، سنڌياڻي تحريڪ، جسقم، جسمم، جيئي سنڌ محاذ، جهموري پارٽي، سنڌ ترقي پسند پارٽي، پڻ شاندار ڪردار ادا ڪيو آهي.

سنڌ جي وڏن شهرن ۾ رهندڙ شهرين جي طرفان، خاص طور تي اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن جي طرفان ان سلسلي ۾ تمام گهٽ شرڪت ڪئي ويئي آهي ،جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جي سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادي جي وچ ۾  هڪ ٻئي سان رابطن جي ڪمي جا ڪيڏا نه منفي اثر اڃا تائين موجود آهن.  هيترو وقت گذرڻ جي باوجود ڪراچي جي شهرين، شاگردن ۽ نوجوانن کي اها خبر ئي نه آهي ته انهن کي جيڪو پاڻي مهيا ڪيو پيو وڃي، ان پاڻي جو وسيلو يا ” سورس ” ڪهڙو آهي؟ هنن کي

شايد اسڪولن ۾ ان حد تائين اهو ٻڌايو ئي نه ويو آهي ته ڪراچي جي شهرين يا حيدرآباد جي شهرين سميت سنڌ جي سڀني شهرن جي پاڻي جو دارومدار سنڌو درياھ تي ئي آهي.  ان مان اهو اندازو به لڳائي سگهجي ٿو ته ڪٽر لساني ۽  نسلي بنيادن تي سياسي دوڪاندارن جيڪي ڌرتي کي  ” متروڪ ” سڏڻ کان به نٿا مڙن، انهن اردو ڳالهائيندڙ ڀائرن کي ڪيڏو نه گمراہ ڪيو آهي.  سندن ذهنن ۾ ڪيڏو نه زهر ڀريو آهي !.

لساني ۽ نسلي بنيادن تي سياست ڪندڙ پاڻ ڪٿان کان ڪٿي پهچي ويا، پرڏيهه جا وڻ وسائيندا ۽ هتان جا وٿاڻ خالي ڪندا رهيا ۽ ٻين جي مستقبل سان کيڏندا،  پاڻ موجون ماڻيندا، زبان درازي به ڪندا رهيا، سودي بازي به ڪندا رهيا ته ٻين جي آڱرين تي نچندا به رهيا.  ٻئي پاسي جماعت اسلامي به پنهنجي پراڻي روايتي تنگ نظر مذهبي ۽ لساني خول مان ٻاهر نه نڪري سگهي ۽ نه ئي ٻي ڪا تنظيم ان سلسلي ۾ صحت مند ڪردار ادا ڪري سگهي ، جڏهن ته زرداري خاندان جي پارٽي به مسلسل سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي سان گڏ و گڏ اردو ڳالهائيندڙ آبادي سان به ويساهه گهاتي ڪندي ۽ کين مايوس ڪندي رهي.  لساني ۽ نسلي بنيادن تي سياست ڪندڙ گروهه،  زرداري پارٽي  کي سموري سنڌي قوم جي کاتي ۾ شامل ڪري نه صرف خوب بليڪ ميل ڪندي رهي پر اردو ڳالهائيندڙ آبادي کي مسلسل گمراهه پڻ ڪندي رهي.

اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو تمام وڏو حصو هن وقت لساني ۽ مذهبي بنيادن تي سياست ڪندڙ جماعتن کان بيزار آهي، پر ساڳي وقت مايوس پڻ آهي. سياسي لحاظ کان هن وقت ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ھڪ

” ويڪيوم ” آهي جنهن کي ڀرڻ جي سخت ضرورت آهي.  سنڌ جي سموري آبادي يا سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ آبادين تي مشتمل مشترڪه سنڌي قوم هن وقت تائين ڏاڍو ڀوڳيو آهي.

سنڌي قوم جي ٻنهي جزن کي ھڪ ٻئي کان نه صرف مسلسل ڌار رکيو ويو پر ڄاڻي واڻي هڪ ٻئي کان بدگمان پڻ ڪيو ويو.  اهو ئي سبب آهي جو هن وقت جڏهن ننڍن توڙي وڏن شهرن تي مشتمل سڄي سنڌ جي لاءِ  زندگي ۽ موت جهڙا اهم مسئلا ۽ مشترڪ خطرا پيدا ٿي چڪا آهن تڏهن به اسان عملي طور تي گڏجي، سگهارو ۽ نتيجا خيز ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ڪامياب نه ٿي سگهيا آهيون.

ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ سنڌ هاري ڪميٽي، جي صحت مند، گڏيل سياسي ڪردار کان انڪار نه آهي ۽ نه ئي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي، جيئي سنڌ محاذ، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، سنڌ ترقي پسند پارٽي، جسقم، جهموري پارٽي، جسمم يا جيئي سنڌ جي نالي سان جدوجهد ڪندڙ جماعتن جي قيادت جي صلاحيتن تي ڪو شڪ آهي پر هن وقت جڏهن ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ يا ائين چئجي ته اردو ڳالهائيندڙ آبادي ۾ سياسي خلا يا ويڪيوم آهي ته ان وقت هنن سڀني جماعتن جي قيادت ۽ ڪارڪنن کي گهرجي ته اهڙي صحت مند سياسي حڪمت عملي اختيار ڪن جنهن سان  نه صرف پيدا ٿيل سياسي ويڪيوم کي ڀري سگهجي پر اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙ آبادي کي سياسي ۽ سماجي لحاظ سان هڪ ٻئي سان جوڙي، مستقل بنيادن تي هڪ ٻئي جو حصو پڻ بنائي سگهجي.

مٿي ذڪر ڪيل جماعتن جي قيادت کي گهرجي ته پنهنجي پنهنجي جماعتن جا دروازا اردو ڳالهائيندڙ دوستن جي لاءِ نه صرف کولين  پر پارٽي جي اهم عهديدارن ۾ پڻ کين عملي طور تي شامل ڪن.

هڪ ٻئي سان رابطا، مسلسل بحث مباحثا، صلاح مصلحت ڪرڻ، ھڪ ٻئي جي  مسئلن کي سمجهڻ ۽ پنهنجو سمجهڻ ۾ آخر ڪهڙي خرابي آهي؟

اسان آخر ڪيستائين هڪ ٻئي جي لاءِ اوپرا  رهنداسين؟ ساڳيا مسئلا ۽ مشترڪه خطرا ھجڻ جي باوجود آخر ڪيترو وقت هڪ ٻئي کان لاتعلق رهنداسين؟  آخر سڄي سنڌ جو مفاد ڇا ۾ آهي؟ آخر اسان جي ۽ اسان جي جدوجهد جي مفاد ۾ ڇا آهي؟

هن وقت ڪارپوريٽ فارمنگ جي آڙ ۾ لکين ايڪڙ زمين تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ڪئنال ڪڍي، سنڌو درياھ جي پاڻي جو رخ موڙي، درياھ کي گڊو تائين محدود ۽  مختصر ڪيو پيو وڃي.  ملڪ ۾  ” جيڪو ڏاڍو سو گابو ” جو راڄ آهي. مسلسل دانهون، ڪوڪون ۽ احتجاج ڪرڻ جي باوجود ڪير به ٻڌڻ وارو ڪونهي.  انهن حالتن ۾ جيستائين ٻين شهرن، واھڻ وستين سان گڏ و گڏ ڪراچي ۽ حيدرآباد کي پنهنجي جدوجهد جو مظبوط مورچو نه بنائبو تيستائين ڏاڍا ڏکيا ڏينهن ڏسڻا ۽ سهڻا پوندا.

وقت ۽ حالتن جي تقاضا اها آهي ته مٿي ذڪر ڪيل سموريون سياسي جماعتون پاڻ ۾ گڏجي، گڏيل جدوجهد هلائڻ جي حڪمت عملي جوڙين. ڪراچي ۽ حيدرآباد جي شهرين سان باقاعدہ رابطا قائم ڪن ۽ هنن کي قائل ڪن ته سنڌو درياهه کي پاڻي کان محروم ڪرڻ جا منصوبا هنن جي لاءِ به زندگي ۽ موت جهڙي اهميت رکن ٿا اوهان سوچيو ته جڏهن ڪراچي ۾ فيڊرل بي ايريا، واٽر پمپ کان شاھراھ پاڪستان تان سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙ ديس واسي، لکن جي تعداد ۾ هٿ هٿ سان ملائي مارچ ڪندا  يا حيدرآباد جي اهم رستن تان گڏجي جلوس ڪڍيا ويندا ته ڪير آهي جيڪو اسان سان وڌيڪ سينو ساهڻ جي جرئت ڪري سگهي .اسان کي متحد ٿي گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ گهرجي ۽ سڀني ديس واسين کي پنهنجي جدوجهد جو عملي طور تي حصو بنائڻو پوندو. سڀني ديس واسين جو مفاد ان ۾ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.