عطائي ڊاڪٽرن جو آزار

تحرير: حفيظ شيخ

سنڌ ۾ صحت جو شعبو اڳ ئي تباهه حال هو، پر سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي نااهلي هن برباديءَ کي نئين سطح تي پهچائي ڇڏيو آهي سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جو قيام ان مقصد لاءِ عمل ۾ آيو ته هو صحت جي معيار کي بهتر بڻائيندي عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائي ڪندي ۽ غيرقانوني ڪلينڪ بند ڪرائيندي پر اڄ صورتحال اها آهي جو هي ادارو ڪرپشن، لاپرواهي، ۽ مجرماڻه غفلت جو هڪ مثال بڻجي ويو آهي عطائي ڊاڪٽر شهرن کان وٺي ڳوٺن تائين موت جو ڪاروبار ڪراچي، حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو ۽ ٻين وڏن شهرن کان وٺي ننڍن ڳوٺن تائين، عطائي ڊاڪٽرن جو ڪاروبار عروج تي آهي چوراهن تي لڳل بئنرن تي "ماهر ڊاڪٽر” لکيل هوندو آهي پر حقيقت ۾ اهي ماڻهو بغير ڪنهن طبي تربيتي تصديق جي مريضن تي تجربا ڪري رهيا آهن جعلي دواخانا، خطرناڪ انجيڪشنون، ۽ غيرقانوني آپريشن هزارين معصوم ماڻهو هر سال انهن عطائين جي هٿان معذور ٿين ٿا يا زندگيون وڃائين ٿا غير تصديق ٿيل دوائن جو واهپو ٻارن، عورتن، ۽ پوڙهن لاءِ به خطرناڪ دوائون تجويز ڪيون وڃن ٿيون جن جا نتيجا خطرناڪ ثابت ٿين ٿا پر سڀ کان وڏو سوال اهو آهي ته سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ڪٿي آهي؟

ھن اداري کي قائم ٿئي ڪيترائي سال ٿي ويا آھن پر هي ادارو رڳو فائيلن ۾ ڪاروائي ڪندي نظر اچي ٿو ميدان ۾ نه.سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جا ڪيترائي آفيسر پاڻ عطائي ڊاڪٽرن سان رابطي ۾ آهن رپورٽن مطابق، ڪيترائي عطائي ڊاڪٽر رشوت ڏئي ڪميشن جا آفيسر خريد ڪن ٿاجنهن بعد هو بنا خوف ۽ ڊپ جي پنهنجو غيرقانوني ڪاروبار جاري رکن ٿا عطائي ڊاڪٽرن خلاف ڪارروائيءَ جا وڏا اعلان ته ڪيا وڃن ٿا پر اهي ڪارروايون رڳو سوشل ميڊيا ۽ اخبارن تائين محدود هونديون آهن حقيقت اها آهي ته بند ڪيل ڪلينڪ ٻي ڏينهن ئي ٻيهر کلي ويندي آهي سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ موجود عطائي ڊاڪٽر سياسي سرپرستي هيٺ ڪم ڪن ٿا جڏهن به سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ٿي ته مقامي سياسي اڳواڻ دٻاءُ وجهي انهن کي بچائين ٿا نتيجي طور آفيسر مجبورن خاموش ٿي وڃن ٿا سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن وٽ شڪايتون درج ڪرائڻ جو نظام ته موجود آهي پر هزارين ماڻهن جي شڪايتن تي عمل ناهي ٿيندو ڪيترائي ماڻهو اطلاع ڏين ٿا ته فلان عطائي ڊاڪٽر معصوم ماڻهن جي زندگين سان کيڏي رهيو آهي پر ڪميشن جا عملدار ان تي ڪو به ڌيان نه ڏيندا آهن جيڪڏهن هي ادارو واقعي ڪم ڪري ٿو ته پوءِ سنڌ ۾ عطائي ڊاڪٽرن جو راڄ ڇو آهي؟

ڪميشن جي آفيسرن کي هر سال اربين رپيا ملن ٿا اهي پئسا آخر ڪنھن ڪم اچي رھيا آھن؟

اها ڪهڙي حڪمت عملي آهي جيڪا ڪميشن کي عطائي ڊاڪٽرن خلاف حقيقي ڪارروائي ڪرڻ کان روڪي رهي آهي؟

سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن جي آفيسرن تي سخت نگراني ڪري ڪرپٽ آفيسرن کي هٽايو وڃي ۽ انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي عطائي ڊاڪٽرن خلاف بنا ڪنهن سياسي دٻاءُ جي آپريشن ڪري سڀني جعلي ڪلينڪن کي بند ڪري غيرقانوني دوائون ضبط ڪيون وڃن عوامي شڪايتن تي فوري عمل ڪري هر موصول ٿيل شڪايت تي 48 ڪلاڪن اندر جاچ ٿيڻ گهرجي ھن اداري جي شفافيت لاءِ هڪ آزاد ڪميٽي جو قيام ڪري هڪ اهڙو نظام جوڙيو وڃي جيڪو ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته ڪميشن جو ڪو به آفيسر ڪرپشن ۾ ملوث نه رهي عطائي ڊاڪٽرن لاءِ سخت کان سخت قانون لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن هو ٻيهر اهڙي غفلت نه ڪن جيڪڏهن سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جاڳي نه ٿي ته هي صحت جو شعبو مڪمل تباهه ٿي ويندو هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سنڌ ھيلٿ ڪيئر ڪميشن ۾ ويٺل ڪرپٽ آفيسرن خلاف به ڪارروائي ڪئي وڃي ڇو ته هي ادارو سنڌ جي صحت لاءِ حل کان وڌيڪ مسئلو بڻجي چڪو آهي جيڪڏهن هي ادارو صرف ڪرپشن ۽ نااهلي جو مرڪز بڻيل رهندو، ته پوءِ بهتر ٿيندو ته ان کي بند ڪيو وڃي ۽ ان جي جاءِ تي ڪو نئون ۽ موثر نظام قائم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.