اسان اوهان جي علم ۾ هيءَ ڳالهه آڻڻ چاهيون ٿا ته سنڌ انويسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل SIFC ۽ گرين پاڪستان انيشيٽو GPI جي منصوبن تحت سنڌ جون زمينون ملڪي ۽ بين الاقوامي سرمائيدار ڪمپنين کي ليز تي ڏيڻ ۽ سنڌونديءَ مان 6 ڪينال ڪڍڻ جي اعلان تي سنڌ سراپا احتجاج آهي
هن فيصلي تي عملدرآمد جي نتيجي ۾ سنڌوندي ‘مردہ ندي’ ٿي ويندي، ڇو ته ان جي پاڻي جو رخ سنڌ ۽ سمنڊ کان موڙي پنجاب جي انهن زمينن ڏانهن ڪيو ويندو، جيڪي عسڪري ڪمپني جي زير انتظام هونديون. جنهن جو ثبوت اهو آهي ته 8 جولاءِ جي غير آئيني اجلاس جي فيصلن جي متعلق ٻڌايو ويو ته صدر زرداري 6 اسٽريٽيجڪ ڪينالن جي تعمير جي اصولي منظوري ڏني آهي ۽ انهن تي هڪ ئي وقت تيز رفتاري سان ڪم شروع ڪرڻ لاءِ وفاقي حڪومت، صوبائي حڪومتن ۽ لاڳاپيل مالي ۽ انتظامي ادارن کي عملدرآمد لاءِ ميٽنگ جا منٽس جاري ڪري ڇڏيا آهن.
ان کانپوءِ عملي طور تي اهو ٿيو آهي ته سڀ کان پهريان چولستان ڪينال لاءِ 211 ارب جو بجيٽ پلان پيش ڪيو ويو آهي ۽ اطلاعات مطابق هي منصوبو سيڙپ ڪار ڪمپنين کي ڏيکاري انهن کي ڏهه ڏهه هزار ايڪڙ زمين 20 سالا ليز تي ڏيڻ جو سلسلو به شروع ڪري ڇڏيو آهي، ڇو ته صدر زرداري انهن کي يقين ڏياريو آهي ته ارسا ايڪٽ ۾ گھربل ترميمون ۽ ٻيون قانوني تقاضائون پوريون ڪرڻ ۾ ھو اھم ڪردار ادا ڪندو.
ان سلسلي ۾ چولستان ڪينال جي CDWP مان منظوري به ورتي وئي آهي. طريقو اهو آهي ته پهريان اسپيشل انوسٽمينٽ فيسليٽيشن ڪائونسل جي منصوبي تحت سنڌ جي 12 لک 60 هزار ايڪڙ زرعي زمين سميت پاڪستان جي 48 لک ايڪڙ زمين جي نشاندهي ڪئي وئي آهي ۽ ‘سڀ کان پهريان پنجاب’ جي پاليسي ٺاهي چولستان ڪينال منصوبي تي ڪم شروع ڪيو ويو آهي، جنهن سان سڄي سنڌ ۽ سڀ کان پهريان ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، بدين، سجاول وغيره آبپاشي ۽ پيئڻ جي پاڻي کان محروم ٿي ويندا. ان منصوبي تي عملدرآمد سان انڊس ڊيلٽا ۾ جيڪو ٿورو گھڻو پاڻي وڃي ٿو، سو به بند ٿي ويندو ۽ ان جي ڪري آبي جيوت، ماھيگيرن جي گذر سفر ۽ ماحوليات تي تمام گهڻا منفي اثر پوندا.
اسان اميد ڪريون ٿا ته توهان ملڪ جي سلامتي جي ذميداري ادا ڪندي سنڌ جي عوام جي پريشاني کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪندا ۽ سنڌونديءَ مان 6 اسٽريٽيجڪ ڪينال ڪڍڻ جي منصوبي سميت 8 جولاءِ 2024ع جي ميٽنگ ۾ ڪيل سڀ فيصلا واپس وٺڻ جو سرڪاري طور اعلان ۽ نوٽيفڪيشن جاري ڪندا.
انيتا پنجاڻي
ترجمان
وومين ايڪشن فورم ڪراچي