اسلام آباد(م ڊ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ تارڙ چيو آهي ته فيصل واوڊا سنسني پيدا ڪئي، 60 ارب رپين جي ڪا ڪرپشن ناهي ٿي، هڪ ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته هڪ سال پورو ٿيڻ تي حڪومت تي الزام هنيا پيا وڃن، پورٽ قاسم اٿارٽي جو بورڊ بااختيار آهي ته هو پنهنجا فيصلا ڪري، بورڊ زمين بابت فيصلو ڪيو، رقم وزير وٽ ناهي آئي، پورٽ قاسم اٿارٽي جي زمين جو معاملو 2005ع کان هلي رهيو آهي، هر وزير کي تياري سان ڪميٽي جي اجلاس ۾ وڃڻ گهرجي، واضح رهي ته حڪومت جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سامونڊي معاملن بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين فيصل واوڊا 60 ارب رپين جو ميگا اسڪينڊل سامهون آندو هو.