ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي وڪيلن موجوده پاڻي صورتحال کي واٽر ون يونٽ سسٽم قرار ڏيندي چيو آهي ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي ورڇ 1945ع واري سنڌ پنجاب ٺاهه تحت ڪيو وڃي. سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن جي مئنجمينٽ ڪميٽي جو بئريسٽر سرفراز ميتلو جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته 1991ع واري ٺاهه ۾ اڻ سڌي ريت پاڻي جو ون يونٽ لاڳو ڪري سنڌ جي حصي تي ڌاڙو هنيو ويو. هن چيو ته 1991ع جي پاڻي ٺاهه ۾ ترميم ڪري مٿين حصي ۾ ڪنهن به رٿا لاءِ سنڌ يعني پڇڙي وارن جي منظوري ضروري قرار ڏني وڃي. هنن چيو ته وفاق جو ڪردار ريفري هجڻ گهرجي.