گيس جي کوٽ ۽ بحران جي ذميوار حڪومت جي پنهنجي نااهلي آهي

پنهنجي ملڪ اندر هونئن ته ٻارهوئي بجلي ۽ گيس جو بحران ۽ لوڊشيڊنگ هوندي آهي پر افسوس ته ضرورت وقت اڃان بحراني صورت حال وڌي ويندي آهي مثال طور موتمار گرمي هوندي ته بجلي جي لوڊشيڊنگ وڌندي وري جيڪڏهن شديد ٿڌ هوندي ته وري گيس نه ملندي. ائين رمضان مهيني جي پهرين روزي کان رپورٽن  موجب  رڳو سحري ۽ افطار جي وقت گيس ڏني وڃي ٿي باقي سڄو ڏينهن ۽ رات گيس بند ڪئي وڃي ٿي. ان کان وڏو گيس جو بحران ڀلا ڪهڙو ٿي سگهي ٿو.

گيس جي کوٽ ۽ ان بحران جي اها شدت ٻڌائي ٿي ته حڪومت کي هنگامي بنيادن تي گيس جي بحران جي خاتمي لاءِ ڪجهه ڪرڻ گهرجي. حڪومت جو ڪم ئي اصولي طور تي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ هوندو آهي. چونڊ مهم ۾ به سياسي اڳواڻ اهڙيون ئي تقريرون ڪندا آهن ته حڪومت ۾ اچڻ جو مقصد عوام جي خدمت ڪرڻ آهي پر افسوس ته حڪومت ۾ اچڻ کان پوءِ حڪمرانن جون ايجنڊائون ئي تبديل  ٿي وينديون آهن.  مثال طور 26 هين ترميم، آڻڻ، پيڪا قانون آڻڻ، پارليامينٽرين جون پگهارون وڌائڻ، سنڌو درياهه تي ڇهه ڪئنال اڏڻ وارا غير ضروري ڪم ڪيا پيا وڃن جڏهن ته حڪمرانن کي چڱي ريت معلوم آهي ته عوام جي جان، مال ۽ عزت جو تحفظ ڪنهن به حڪومت جي اولين ترجيح هوندي آهي، نمبر ٻه تي روزگار ۽ معاشي خوشحالي، نمبر ٽي تي صحت ۽ تعليم، نمبر چار تي شيئن جي سستائپ ۽ نمبر پنج تي بجلي، گيس ۽ پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ هوندو آهي. پر حڪومت جي جيڪڏهن ڪا اولين ايجنڊا ناهي ته اهي مٿي ڄاڻايل ايجنڊائون آهن

هن ملڪ اندر ظاهر آهي ته جيئن جيئن آبادي وڌي رهي آهي تئين تئين پاڻي، گيس ۽ بجلي وغيره جي کپت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي ۽ ٿيندو رهندو تنهن ڪري ضرورت ان ڳالهه جي هوندي آهي ته حڪومتون وڌندڙ آبادي جي مناسبت سان عام واهپي جي شيئن جي پيداوار ۾ اضافو. اسان جي حڪومت جو ان پاسي جيڪو ڌيان هئڻ گهرجي سو نظر نه ٿو اچي. جڏهن ته اسان وٽ فطري طور سڀ وسيلا آهن پر مسئلو آهي اوليت جو ۽ حڪمرانن جي اوليت وري ڪا ٻي هوندي آهي.

گيس جي کوٽ ۽ بحران جو ئي مسئلو ڏسجي ته ان ڏس ۾ 2008ع واري پ پ حڪومت ۾ ايران سان گيس جو معاهدو ٿيو هو جنهن تي جيڪڏهن فوري طور عمل ٿئي ها ته اڄ گيس جي اها بحراني حالت نه هجي ها. پر هڪڙين پرڏيهي پاليسين ۽ سامراجي مفاد جي ڪري پاڪستان گيس جي ان معاهدي کان پوئتي هٽي ويوآهي جو آمريڪا کي ايران سان ڪنهن به قسم جو معاهدو پسند ناهي جڏهن ته اهو معاهدو سئو سيڪڙو پاڪستان ۽ عوام جي حق ۾ آهي. مسلم ليگ (ن) جي موجوده حڪومت ۾ به ايران پاڪستان کي چتاءُ ڏنو هو ته جيڪڏهن گيس جي معاهدي تي عمل نه ڪندئو ته اسان عالمي عدالت ۾ وينداسين ۽ اوهان کان حرجاڻو ڀرائينداسين ڪن سينئر تجزئي نگارن تڏهن ئي چيو هو ته پاڪستان هاڻي آمريڪا کي چوندو ته ڏسو اسان توهان جي چوڻ تي ايران سان گيس جو معاهدو روڪي ڇڏيو  آهي ته جيئن ان عيوض اهو آمريڪا کان مالي امداد وٺي سگهي ۽ هوڏانهن عالمي عدالت کان بچڻ لاءِ ايران کي اها مجبوري ٻڌائيندو آهي ته اسان کي ان معاهدي تي عمل ڪرڻ کان آمريڪا جهڙي عالمي طاقت روڪي رهي آهي تنهن ڪري اسان مجبور آهيون، اسان جي مالي صورتحال اهڙي ناهي جو اسان آمريڪا سان ڦٽائي سگهون.

سو پاڪستان جو جائز يا ناجائز  جيڪو به موقف هجي پر حقيقت اها آهي ته ملڪي عوام جي مفاد ۾ اهو آهي ته پاڪستان ايران سان گيس پائيپ لائين واري معاهدي تي عمل ڪري ايران کان سستي گيس وٺي ملڪ ۾ گيس جي بحران کي ختم ڪري.گيس جي بحران جو ٻيو حل اهو آهي ته پنهنجي ملڪ اندر گيس جي ذخيرن تي ڪم ڪجي. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ گيس جا تمام گهڻا ذخيرا آهن جن تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. گيس جي معدني وسيلن ۾ پاڪستان مالا مال آهي پر هتي صورتحال ان شعر جهڙي آهي ته ” پاڻيءُ مٿان جهوپڙا، مورک اڃ مرن“ مطلب ته پاڪستان وٽ گيس جي  بحران جي خاتمي لاءِ پنهنجا ئي گهڻا وسيلا آهن پر هتي ڪير ڪک ڀڃڻ لاءِ تيار ناهي. محنت پاڻ نه ڪبي ۽ ٿُڪ لعنت گوڏن کي ڪبي. پاڪستان جي حڪومت جيڪڏهن پنهنجي معدني وسيلن تي ڀاڙي ته هن  ملڪ کي جيڪر ڪنهن کان امداد ۽ قرض ئي نه وٺڻو پئي. ملڪ جي معدني وسيلن تي ڪم ڪري اهي ملڪ تي استعمال ڪجن ته هي خطو دبئي کان گهٽ نه آهي.

سو اصل ۾ حڪمرانن جي غير سنجيدگي، نااهلي ۽ غلط پاليسين توڙي غلط اوليتن سبب ئي ملڪ ۽ عوام جي هيءَ پنڻ جهڙي حالت ٿي  وئي آهي جڏهن ته پنهنجن معدني وسيلن ۾ هي ملڪ مالدار ملڪن مان هڪ آهي پر حڪومت جي نااهلي سبب هن مالدار ملڪ جو عوام گيس ۽ بجلي کان محروم ٿي غربت واري زندگي گذاري رهيو آهي. حڪومت جيڪڏهن سئو سيڪڙو پنهنجي ايجنڊا ۽ اوليت بجلي ۽ گيس جي بحران جي خاتمي کي بڻائي ته ڪو سبب ناهي ته پاڪستان بجلي ۽ گيس جي کوٽ ۽ بحران مان نڪري اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.