دوڙ(رپورٽ: غلام مصطفي بروهي) پيپلزپارٽي شهيد ڀٽو هاري ڪاميٽي پاران سنڌو درياھ تي 6 نوان ڪينال ٺاهڻ خلاف دوڙ ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب دوڙ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي صوبائي صدر فيض محمد کوسو، خالد حسين چانڊيو، ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ گورچاڻي، الله بخش جوڻيجو، بابر مغيري، اعجاز ميراڻي، ڊاڪٽر منظور جلباڻي، عبدالحق جتوئي ۽ ٻين اڳواڻن چيوته سنڌو درياھ مان 6 ڪينال ڪڍڻ سنڌي ماڻھن کي ڀت سان لڳائڻ جي سازش آھي، سنڌي ماڻھن جو جياپو سنڌودرياھ سان آھي، دريا مان ڪينال ڪڍڻ نه ڏينداسين، جيستائين ڪينالن جو اعلان واپس نه ورتو ويندو، اسان جي جدوجهد جاري رهندي.