حڪمرانن کي سياسي انتقام ۾ ايڏو انڌو نه ٿيڻ گھرجي: قادر مگسي

مٽياري(رپورٽ: ضمير خاصخيلي ) ايس ٽي پي سربراھ ڊاڪٽر قادر مگسي مٽياري ويجھو ڳوٺ ڪرڙ خان کوسو پھچي اڳوڻي  ايس ٽي پي تعلقي صدر ميرڻ کوسو جي وفات تي سندس پونئرن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙي خلاف جھڙي طرح سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي، ان جو اھو فائدو ٿيو آھي جو اڄ حڪمران پيپلزپارٽي به ان موقف جي تائيد ڪئي آھي، اڄ سنڌي عوام جي سامھون ان پارٽي جي حڪومت ان منصوبي جي مالڪي ڪرڻ لاءِ تيار ناھي، اھا سنڌ جي قومپرست ڌرين جي ڪاميابي آھي، ھن چيو ته ٻن مھينن کان اسان جي احتجاجي تحريڪ جاري آھي ۽ جاري رھندي، هن چيو ته وفاقي حڪومت بند ڪمري ۾ ٿيندڙ اپوزيشن جي ڪانفرنس کي روڪي ڪو اپوزيشن کي ناڪام نه ڪيو آھي پر حڪومت جي انھي حرڪت سان خود حڪومت ڏٺي پئي ٿئي، مرتضيٰ جتوئي خانداني ماڻھو آھي پوري دنيا کيس سڃاڻي ٿي اھڙي ماڻھو تي اوھان ٻڪري يا موٽرسائيڪل چوري جو ڪيس داخل ڪندا ته ان جو مرتضيٰ جتوئي جي شخصيت تي ڪو فرق نه پوندو، پر حڪومت وائکي پئي ٿئي ته حڪمران ڪيترا گھٽيا آھن حڪمرانن کي سياسي انتقام ۾ ايڏو انڌو نه ٿيڻ گھرجي جو واپسي جو رستو به نه بچي، ان موقعي تي ايس ٽي پي جا مرڪزي اڳواڻ حيدر شاھاڻي، ڄام شوڪت ابڙو، محمد علي ابڙو، ڊاڪٽر احمد نوناري، عبدالفتاح ڳاھوٽي، عبدالحڪيم نوحپوٽو، موسا لڙڪو ۽ ٻيا اڳواڻ به ساڻس گڏ ھئا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.