حيدرآباد(رپورٽر) جي ڊي اي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير غلام مرتضيٰ جتوئي کي سندس مٿان داخل ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿيڻ بعد حيدرآباد جي نارا جيل مان آزاد ڪيو ويو آهي. سندس گهرواري نوين جتوئي, نياڻيون ۽ ٻيا گهرڀاتي غلام مرتضيٰ جتوئي جي ڪيس ۾ ضمانت ٿيڻ بعد رليز آرڊر کڻي ڪالهه نارا جيل پهتا، نارا جيل ٻاهران گهڻي دير تائين کين انتظار ڪرڻو پيو، پر 2 ڪلاڪن کانپوءِ مرتضيٰ جتوئي کي آزاد ڪيو ويو. غلام مرتضيٰ جتوئي جي وارثن سان گڏ سندن حمايتن جو به وڏو انگ جيل ٻاهران موجود هو، سندس غلام مرتضيٰ جتوئي جي حق ۾ ۽ پيپلزپارٽي خلاف سخت نعريبازي ڪري رهيا هئا. هنن غلام مرتضيٰ جتوئي جي گاڏي تي گلن جي ورکا پڻ ڪئي. غلام مرتضيٰ جتوئي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد هڪ وڏي قافلي جي صورت ۾ روانو ٿي ويو. ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي غلام مرتضيٰ جتوئي چيو ته سياست کي خراب ڪيو ويو آهي، غليظ ڪيل سياست خانداني ماڻهو جي ڪرڻ جهڙي ناهي رهي، گذريل عام چونڊن ۾ به مون سياست ۾ حصو وٺڻ نه پئي چاهيو، پر دوستن جي زور ڀرڻ تي اليڪشن ۾ حصو ورتو، مون سوچيو هو ته سياست کي الواع ڪندس، پر ٿيو ائين ته ڪمبل کي مون ڇڏي ڏنو، پر اهو ڪمبل مون کي ڇڏڻ جي لاءِ تيار ناهي، آصف زرداري جيڪو ڪمبل مون اڇلائڻ پئي چاهيو اهو وري مونکي پارائي ڇڏيو آهي. ان ڪري هاڻ پيپلزپارٽي جو سياسي ميدان ۾ ڀرپور مقابلو ڪبو. هن چيو ته منهنجي مٿان داخل ٿيندڙ ڪيس انتقامي ڪارروايون آهن ۽ ٿي سگهي ٿو ته انتقامي ڪاررواين جو اهو سلسلو جاري رهي. ياد رهي ته غلام مرتضيٰ جتوئي کي 17 فيبروري تي گرفتار ڪري 18 فيبروري تي رات جو دير سان سخت سڪيورٽي ۾ کيس حيدرآباد جي نارا جيل منتقل ڪيو ويو هو.