ٽيڪسن کي بار نه پر هڪ سيڙپڪاري طور ڏٺو وڃي:مراد علي شاهه

ڪراچي(رپورٽر )سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي خوشي آهي ته انسٽيٽيوٽ آف چارٽرڊ اڪائونٽنٽس آف پاڪستان سنڌ روينيو بورڊ کي ٽريننگ آرگنائيزيشن آئوٽ سائيڊ پريڪٽس جو درجو ڏنو آهي، هن ڪاميابي سان ايس آر بي پاڪستان ۾ پهريون سرڪاري شعبي جو ٽيڪس ادارو بڻجي ويو آهي، سرٽيفڪيٽ ورهائڻ جي تقريب وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي جتي جي صدر سيف الله باضابطه طور تي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ۽  سنڌ روينيو بورڊ جي چيئرمين ڊاڪٽر واصف علي ميمڻ کي سرٽيفڪيٽ پيش ڪيو، ان موقعي تي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف حيدر شاهه ۽ سنڌ حڪومت جا ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه روينيو ڪليڪشن کي جديد بڻائڻ ۽ ترقي پسند سڌارا شروع ڪرڻ ۾ ايس آر بي جي ڪارڪردگي ۽ قيادت جي واکاڻ ڪئي. هن سنڌ حڪومت جي ڪاروبار دوست ماحول کي هٿي وٺرائڻ جي عزم کي ورجايو ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي اثرائتي سهولت فراهم ڪرڻ جي پاڪستان پيپلز پارٽي جي عزم تي زور ڏنو. پنهنجي خطاب ۾ وڏي وزير زور ڏنو ته ٽيڪسن کي بار نه سمجهيو وڃي پر ان کي هڪ سيڙپڪاري طور ڏٺو وڃي، جنهن ذريعي حڪومت ٽيڪس ڏيندڙن لاءِ عوامي خدمتون ۽ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائيندي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ پاڪستان جي سڀني ٽيڪس اختيارين ۾ بهترين ٽيڪس سهولت فراهم ڪري ٿو ۽ پيشيوراڻي مهارت ذريعي صوبي جي ٽيڪس نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ ايس آر بي ۽ آئي سي اي پي وچ ۾ مسلسل تعاون جي حوصلا افزائي ٿئي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.