وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جي شڪايت نٿا ٻڌن: اياز لطيف پليجو

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) چولستان سميت 6 ڪئنال ڪڍي سنڌو درياھ تي ڌاڙي، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان جي نالي ۾ سنڌ کي بنجر بڻائڻ خلاف قومي عوامي تحريڪ جو پيادل مارچ چوٿين ڏينھن اياز لطيف پليجو، ممتاز شيخ، اشرف پليجو، ياسر جاکرو، حبيب الله پليجو، غفور سومرو، مرتضي لاشاري، امين جوڻيجو، شفيع محمد پليجو، رب ڏنو ملڪ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن نصرت خاصخيلي، صبا سمون جي اڳواڻي ۾ رڪشا اسٽاپ پھتو، گجو، مڪلي، ايڌي سينٽر وٽ قافلي جي مٿان گلن جي ورکا ڪري اڳواڻن کي اجرڪون اوڍائي شاندار استقبال ڪيو، ان موقعي تي درياھ بچايو جلسي اياز لطيف پليجي  کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي کوٽ جي ڪري سڄي سنڌ سڪي رھي آھي، ڪو به پڇڻ وارو ناھي، واپڊا چيئرمين ٻڌائي چڪو آھي ته 6 ڪئنالن جي منظوري پيپلز پارٽي ڏني آھي، سنڌ ۾ زراعت، تعليم، صحت ۽ گورننس تباھ ٿي چڪي آھي، پيپلز پارٽي سنڌو درياھ ۽ وسيلا ڏئي اقتدار خريد ڪيو آھي،  چولستان ۽ ٻيا 6 ڪئنال ٺھيا ته سنڌ بنجر ٿي ويندي، اياز لطيف پليجي چيو ته حڪمران نٿا سمجھن ته ھي وقت صوبن کي جوڙڻ جو آھي، ويڇا وجھڻ ۽ ٽوڙڻ جو ناھي، وفاق، پارليامينٽ ۽ عدليه سنڌ جي عوام جي شڪايت نٿا ٻڌن، سنڌ مان چونڊيل سڀني پارٽين عوام کي مايوس ڪيو آھي، اھي پنھنجو احتساب ڪن،  وزيراعظم کي سوچڻ گھرجي ته 3 سالن ۾ عوام ڇا وڃايو ڇا حاصل ڪيو آھي؟ سنڌ حڪمرانن کان پڇي رھي آھي ته مون کي ڀڙڀانگ ۽ بنجر ڇو پيو ڪيو وڃي؟، سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي ناھي، سمنڊ زمين ڳڙڪائي رھيو آھي، سنڌ اسيمبلي، ايم پي ايز، ايم اين ايز ڪٿي آھن؟ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ گرين پاڪستان منصوبو قاتل منصوبا آھن. سنڌ دشمن منصوبا آھن، جلسي کي ممتاز شيخ، اشرف پليجو، ياسر جاکرو، اشفاق چنڙ ۽ ٻين به خطاب ڪيو، پيادل مارچ جون قراردادون پاس ڪندي گھر ڪئي وئي ته سمنڊ ۾ 20 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جو ڇوڙ ڪري تمر جا ٻيلا ۽ ڊيلٽا کي بچايو وڃي، 1991ع جي ٺاھ تي عمل ڪري سنڌ کي حصي جو پاڻي ڏنو وڃي، 6 ڪئنال ۽ گرين انيشيٽو منصوبن کي فوري طور رد ڪيو وڃي، سنڌ ۾ بي زمين ھارين ۽ ھارياڻين کي 50-50 ايڪڙ زمين ڏئي مفت زرعي ٻج ۽ ڀاڻ ڏنو وڃي، چشما جھلم لنڪ ڪئنال، تونسا پنجند لنڪ ڪئنال ۽ ٿل ڪئنال سميت سمورا ڌاڙيل واھ بند ڪري سنڌو درياھ مان پاڻي چوري بند ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.