ڪئنال ڪڍڻ خلاف هڙتال ڪرائڻ تي ڪيس، 2 گرفتار، جبر ذريعي روڪي نه ٿا سگهو: رياض چانڊيو

نوابشاهه/ سڪرنڊ (ڊر / راج ڪمار اوڏ) سنڌو درياهه مان غير قانوني ڪئنال ڪڍڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ پاران گذريل ڏينهن نواب شاھ ۾ ڪيل ھڙتال بعد پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو آهي، اي سيڪشن  ٿاڻي جي اي ايس آءِ اشرف رند پاران سرڪار جي فرياد تي پنج ڄڻن مٿان ڪيس داخل ڪندي ڄاڻايو آھي ته جوابدارن اويس گبول، عبدالحنان جمالي، وقار جمالي، منير جمالي،  شيراز  شاھ ھڙتال دوران دڪاندارن کي ڌمڪيون ڏنيون ۽ هراسان ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس اويس گبول جي گرفتاري لاءِ سندس سڪرنڊ واري گهر تي چڙهائي ڪئي، پر اويس گبول هٿ نه اچي سگهيو، پوليس سندس عيوضي ۾ آصف ۽ ڪاشف گبول کي کڻي وئي، ٻي پاسي جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو سڪرنڊ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي ڪروڙين ماڻهن جي زندهه رهڻ جو ذريعو آهي، سنڌو مٿان 6 ڪئنال ٺاهڻ سنڌ جي ماڻهن جي بربادي جو پروانو جاري ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف اسان احتجاج جو سڏ ڏنو هو، سنڌ جي ماڻهن پاڻمرادو ڪئنالن خلاف احتجاجن طور پنهنجو ڪاروبار بند ڪيو هو، پر پوليس وحشت ۽ بدحواسي جو مظاهرو ڪندي ڪيس داخل ڪيا آهن، اويس گبول جي گهر تي چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو خيال نه رکيو ويو، حراسمينٽ ڪري گهر ڀاتين تي تشدد ڪيو ويو، سندس ٻن ڀائرن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، سنڌ جي ماڻهو جڏهن ڪئنالن خلاف آواز اٿارين ٿا ته انهن جي آواز کي روڪيو وڃي ٿو،  سنڌ ۾ آمريت آهي سنڌ جا ماڻهو ڪيسن کان نه ٿا ڊڄن، اعليٰ عدالتون نوٽيس وٺن، هن چيو ته ڪئنالن خلاف ڪير به ماڻهو آواز اٿاري ٿو ان کي جبر ذريعي روڪيو وڃي ٿو جنهن جي مذمت ڪجي ٿي. اسان جو پرامن احتجاج جاري رهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.