وفاقي ڪابينا ۾ ڪيل واڌ ۽ ترقي جي ڍڳو پير پيران واري رفتاري!

تحرير: عبدالقادر لاشاري

ملڪ جي معاشي حالتن کي سڌارڻ لاءِ ڪيترائي  فيصلا ڪيا ويا آهن ،آءِ ايم ايف کان قرض کڻي ملڪ سگهارو ڪرڻ جي ڪوشش ته گهڻي وقت کان ٿي رهي آهي انهيءَ  کانسواءِ  ٻيا به ڪيترائي نسخا آزمائڻ جو سلسلو هلي رهيو جنهن ۾ هر ھفتي ڏيڍ ۾ تيل جا اگهه وڌائڻ ، بجلي جي اگهن ۾ گهاٽي واڌي ڪرڻ،  ٽيڪسن مٿان ٽيڪسن جي بوڇاڙ جهڙا قدم کڻي حڪمرانن ملڪ کي ( پاڻ کي ) معاشي طور مستحڪم ڪرڻ لاءِ کڻڻ ۾ وسان ناهي گهٽايو پر اهڙا قدم کڻڻ باوجود ملڪ جي ترقي واري رفتار ڍڳو پير پيرا هئڻ ڪري وفاقي سرڪار ڪجھه کاتن کي ئي ختم ڪري ڇڏيو،  دنيا وارن سان ترقي ججي ڊوڙ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ پاڪستان اسٽيل مل جي بندش ته گهڻو اڳ ٿي چڪي پر ٻين کاتن کي گهٽائي پاڻڀرو ٿيڻ لاءِ  نئون فارمولو ڪوٽا سسٽم۽ پينشن  خاتمي جو به آندو ويو جنهن سان ملازم سراپا احتجاج آھن اهو الڳ بحث آھي پر ملڪ جي مفادن جي ڳالھه آھي انهي ڪري انهي احتجاج ڪندڙن سان ڪنهن به معاملي تي ڪمپومائيز نٿي ٿي سگهي خير سن ڪوٽا ۽ فوتي ڪوٽا وارو  مٿي جو سور به ختم ڪيو ويو ، ملڪ  اهڙا قدم کڻڻ سان به معاشي ترقي جي ڪهڙي ڏاڪي تي آھي انهيءَ جو بيانيو “وزير اعظم شهباز شريف چواڻي موجب ته جڏهن به ڪنهن ملڪ ۾ دوري تي وڃجي ٿو ته اڳين ماڻهن جي دماغ ۾ فورن اهي خيال اچن ٿا ته اچي ويا خيرات وٺڻ لاءِ ”  اسان جي ترقي جو ڦيٿو اڃان اتي ئي گهمي رهيو آھي خير حڪمرانن جي پوري ڪوشش آھي ملڪ جي ٻيڙي کي تارڻ وٺجي، ڀلي دريائن،  ڍنڍن ۽ ڍورن ۾ پاڻي نه به هجي پر ريگستانن مان گذاري به معاشر ڀور سگهارو ٿيڻ لاءِ ٻيڙي کي تاريو ويندو انهيءَ ڪري پهرين ته سنڌ حڪومت وزيرن کانپوءَ  مشيرن ،صلاحڪارن ۽ ترجمانن جي لڏي ۾ واڌ ڪئي ، جيئن منجهيل مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ  ججها مقدار ۾ ٿي  ونڊ ورڇ واري ڪم کي ترت سوڙھو ڪرڻ ۾ آساني ڪجي،  صوبائي حڪومت جي اهڙي عمل کانپوءِ  وفاقي سرڪار به وزيرن،  مملڪتي وزيرن ۽ صلاحڪارن، خاص معاونن جي برگيڊ لاٿي آھي جنهن سان لڳي ٿو ٿوري گهڻي رهيل ڪسر به پوري ڪئي ويندي اڃان ڪهڙا قدم کنيا ويندا. انهيءَ جو اندازو لڳائڻ مشڪل آھي پر هڪڙي ڳالھه سمجھه نه پئي اچي ته ملڪ جي قرضن مان جان آجي نٿي ٿئي، آءِ ايم ايف جي چوڻ تي ملڪ جي پورهيت طبقي، هاري ناري تي به ٽيڪسن جي ڀرمار ڪري انهن جو جيئڻ جنجال بڻايو ويو آهي  جڏهن ته ڪوٽا سسٽم ختم ، مختلف کاتن جو خاتمو ، پينشن فنڊز لاڪ ، اهي قدم کڻي ملڪ کي پيرن تي بيهارڻ جو ڍنڍورو پتيو پيو وڃي ته ملڪ جي حالتن کر نظر ۾ رکي ڏکيا فيصلا ڪيا پيا وڃن انهي ڪري عوام کي هي تڪليفون برداشت ڪرڻيون پونديون ۽ هيڏانهن وري اشرافيه کي نوازڻ جو سلسلو به جيئن جو تيئن جاري آھي،  ڇا ھي جيڪي اضافي وزير، مشير ،  ترجمان،   صلاحڪارن جا خاص معاون  بنا پگهارن جي ڪم ڪندا هنن کي ڪي به راعتون نه ملنديون هڪ پاسي عام ماڻھو حڪمرانن جي کنيل قدمن سبب زهر جا ڍڪ ڀري رهيو آهي  ٻئي طرف پنهنجن کي نوازن ۽ ملڪي خزاني تي هٿ صاف ڪرڻ لاءِ لوڌ ڀرتي ڪئي وئي آھي ڇا رڳي هيٺين ۽  وچولي طبقي  کي ئي ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ڪرڻ لاءِ قربانيون ڏيڻيون آهن  جيڪي  ٻن ويلن جي ماني لاءِ به وڏا ڪشالا ڪاٽي رهيا آھن آخر غريب کي ئي قرباني جو جانور ڇو پيو بڻايو وڃي .

هڪ پاسي ڏکين حالتن جو راڳ ڳايو وڃي پيو ته ٻئر طرف اشرافيه کي نوازڻ  لاءِ به وسان نه پيو گهٽايو وڃي، ڇا ڪابينائن ۾ واڌ ڪرڻ سان ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿي وينديون، ملڪ جي معاشي حالتن جو بهتر نه هجڻ ورو هاڻي اسان سمجهو ٿا صرف ڍونگ آھي ، اهو بي سرو راڳ جنهن کي عوام گهڻو ٻڌي چڪو آھي ته ملڪ ڏکين حالتن مان گذري رهيو آھي اهڙا ڀاشن ڏئي پنهنجا ڀڀ ڀريندڙن کان قوم گهڻو واقف ٿي چڪي آھي هاڻ پنهنجا نوازيون بند ٿيڻ گهرجن، ڪيستائين قوم کي اذيتون ڏيندا رهندا حڪمرانن کي ياد رکڻ گهرجي ته ظلم جي رات نيٺ کٽڻي آھي ۽ اڇو اجرو صبح ضرور ٿيڻو آھي انهي کان اڳ پنهنجو قبلو درست ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.