ڪينال رٿا خلاف وڌندڙ احتجاج پ پ لاءِ ”ويڪ اپ ڪال“   ھجڻ گهرجي

تحرير: زاهد حسين

 تڪراري ڪينال رٿا خلاف سڄي سنڌ ۾  وڏي پيماني تي احتجاجي مظاھرن جو سلسلو جاري آهي جنهن ڪري صوبي  جي صورتحال افراتفري جو شڪار ٿي رھي  آهي. ‘سنڌو درياهه بچايو’مهم هاڻي تيزي سان هڪ وڏي عوامي تحريڪ ۾ تبديل ٿي چڪي آهي جيڪا مختلف سياسي قوتن کي هڪ نقطي تي متحد ڪري رهي آهي. ان تڪرار  گذريل 16 سالن کان  صوبي تي حڪمراني ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) کي،ڏکي صورتحال ۾ وجهي ڇڏيو آهي.

جيتوڻيڪ پنجاب ۾ بنجر زمين جي آبپاشي جي لاءِ ڇھن ڪينال ٺاھڻ جي  وفاقي حڪومت جي فيصلي کان پاڻ کي ڌار ڪري ورتو ھو،پوءِ بھ ان ڀونچال کان پارٽي لاتعلق ٿي نٿي سگهي.گھڻن ماڻھن لاءِ ڪينال رٿا  جو مطلب سنڌ صوبي جي زمين جي وڏي حصي کي بنجر زمين ۾ تبديل ڪرڻ هوندو. پيپلز پارٽي، جيڪا وفاقي حڪومت جو حصو آهي، ان تباھي جي ذميواري کان پاڻ کي آجو قرار ڏئي نٿي سگهي.

جيتوڻيڪ سنڌو درياءَ مان پاڻي جي ورڇ سنڌ لاءِ سياسي طور تي هڪ حساس مسئلو رهيو آهي، پر تازي تڪرار صوبي جي صورتحال کي تمام گهڻو سنگين رخ  ڏئي ڇڏيو آهي.ان سنڌي قوم پرست تحريڪن لاءِ هڪ طاقتور جواز مهيا ڪيو آهي جيڪي صوبي جي سياسي منظرنامي ۾ پيپلز پارٽي جي غلبي جي ڪري ڊگهي عرصي کان سرگرم نه هيون.سڄي صوبي ۾ مختلف سنڌي قوم پرست گروپن پاران  ٿيندڙ احتجاجن ۾ هزارين ماڻهون، جن ۾ گهڻو ڪري نوجوان ۽ عورتون شامل آھن، شرڪت ڪري رھيون آھن. ڪيتريون ئي مرڪزي ڌاري جون سياسي جماعتون  ۽ سول سوسائٽي جا ميمبر پڻ ڪينال منصوبي جي خلاف  سراپا احتجاج ڪري رهيا آهن، جنھن بابت انهن جو خيال آهي ته وفاقي اتحاد کي نقصان پهچندو.

وڌندڙ عوامي ڪاوڙ صوبائي حڪومت کي، ان وفاقي ڪينال منصوبي کي چئلينج ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آھي. پر پيپلز پارٽي جي  پوزيشن جي حوالي سان ڪافي شڪ ۽ شبها موجود  آهن. رٿا تي ڪم اڳ ۾ ئي شروع ٿي چڪو هو، پر پارٽي قيادت ڪافي عرصي کان ان تي خاموشي اختيار ڪري رکي هئي. ڪجهه حلقن جو الزام آهي ته صدر آصف زرداري گذريل سال منصوبي جي منظوري ڏني هئي.

مخالفن جو چوڻ آهي ته اسٽيبلشمينٽ  جي سرپرستي ۾ شروع ڪيل وفاقي حڪومت جي گرين پاڪستان انيشيئيٽو ۾ صوبائي حڪومت هزارين ايڪڙ زرعي زمين ڏني آهي. آرمي چيف ۽ پنجاب جي وڏي وزير تازو ئي ڏکڻ پنجاب جي شهر چولستان ۾ گرين پاڪستان انيشيئيٽو جو افتتاح ڪيو، جنھن کي سنڌو درياهه مان نڪتل نون ڪينالن جي ذريعي ان زمين کي پاڻي مھيا ڪيو ويندو.ڪيترن ئي صوبائي اڳواڻن لاءِ، تجويز  ڪيل ڪينال رٿا مان اڀرندڙ تڪرار ۾ ڪالاباغ ڊيم منصوبي جو پڙاڏو ٻڌڻ ۾ اچي رھيو آھي.،جنھن جي تڪميل خلاف سڄو سنڌ صوبو احتجاج ۾ يڪجا نظر آيو ھو. سڀ کان وڏو مسئلو اهو آهي ته اھي ڪينال ٺھڻ سان سنڌو درياهه ڏانهن پاڻي  وهڪرو وڌيڪ گهٽجي ويندو. سنڌو درياءَ ۾ پاڻي جي سطح گهٽجڻ سبب هر سال هزارين ايڪڙ زمين سمنڊ ۾ غرق ٿي رهي آهي.

رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال يقين ڏياريو آهي ته سنڌ جي حصي جي پاڻي جو رخ  موڙيو نه ويندو، پر سندس خاطري بھ اطمينان جوڳي نه آهن. پنجاب  جي ڪوٽا ۾ واڌو پاڻي نھ آھي.جنھن کي ھو چولستان ڪينال منصوبي کي ڏئي سگھي، ته پوءِ هو ڪينالن جي گنجائش  پوري ڪرڻ لاءِ پاڻي ڪٿان آڻيندو؟سڀ کان وڌيڪ حيرت جوڳي ڳالهه اها آهي ته اهڙي حساس معاملي تي وفاق اندر بھ ڪا ڳالهه نه ٿي ۽ نه ئي ان فيصلي کي گڏيل مفادن واري ڪائونسل طرفان منظور ڪرايو ويو. اهو پڻ غير معمولي هو ته جڏھن رٿا کي آخري شڪل ڏني پئي وئي، تڏھن پڻ  پيپلز پارٽي ڪائونسل جي اجلاس سڏائڻ جو مطالبو نه ڪيو.جڏھن تھ ان مسئلي ٿي ان وقت سجاڳي پيدا ٿي  آهي جڏهن منصوبي جا مخالف روڊن تي نڪري آيا آهن.احتجاج شروع ٿيڻ کي ڪيترائي مهينا گذري ويا آهن، پر عوام جي زندگيءَ کي سڌي ريت متاثر ڪندڙ هن منصوبي خلاف اڃا تائين ڪا واضح پاليسي سامهون نه اچي سگھي آهي. سنڌ حڪومت انهن الزامن کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته اها وفاقي حڪومت  سامھون اھو مسئلو اثرائتي انداز ۾ اٿارڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي.ان ھوندي صوبائي حڪومت  هڪ سنگين مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪمزور طريقو اختيار ڪيو آھي جيڪو ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿو.

ڳالهه رڳو وفاقي حڪومت جي سامهون  نھ پر سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي قيادت  جي سامھون کڙي ٿيڻ جي پڻ آهي، جيڪا گرين پاڪستان انيشيئيٽو جي سرپرست آهي. موجوده هائبرڊ سسٽم ۾ انهن جي اهم ڪردار کي ڏسندي، اهو حيران ڪندڙ ناهي ته پيپلز پارٽي هن مسئلي تي سڌي طرح ٽڪراءُ کان پاسو ڪري رهي آهي.پيپلز پارٽي جا اڳواڻ يقيني بڻائيندا ته سنڌ جو ڪيس وڙهڻ لاءِ جمهوري ۽ آئيني طريقا اختيار ڪيا وڃن. هي اھو شايد ھڪ دانشمنداڻو فيصلو ٿي سگهي ٿو، پر وفاقي ڍانچي کي خطري ۾ وجھندڙ هن مسئلي کي نبيرڻ  لاءِ اهو ڪافي ناهي، بلڪھ اڃا گهڻو ڪجهه گهربل هوندو. صوبي ۾ وڌندڙ عدم اطمينان  جي ُپرتشدد رخ اختيار ڪرڻ کان اڳ ڪينال رٿا  جي تڪرار کي حل ڪرڻ جي فوري ضرورت آهي. هي هڪ سنگين مسئلو آهي جيڪو صوبي کي غير مستحڪم ڪري رهيو آهي. خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان اڳ ۾ ئي  بدامني جو شڪار آهن، اھڙي صورت ۾ آبادي جي لحاظ کان ملڪ جي ٻئي نمبر وڏي صوبي ۾ وڌندڙ ، بدامني وفاق لاءِ تباهه ڪندڙ ثابت ٿيندي.اهڙا آواز پڻ  اٿي رهيا آهن ته ڪينال رٿا، جنهن کي سنڌي قوم پرست گروپ  زندگي ۽ موت جو معاملو سڏي رهيا آهن، ان کي روڪيو وڃي. انهن قومپرست اڳواڻن جا بيان ڪافي سخت آهن، جڏهن ته رٿا  بابت عوام جا خدشا بي بنياد نه آهن. انهن خدشن کي حل ڪرڻ جي اصل ذميواري وفاقي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ تي لاڳو ٿئي ٿي. سنڌ جي ماڻهن ۾ گهرا خدشا ۽ ڪاوڙ موجود آھي، جنھن کي ٻڌڻ گهرجي.صوبن  وچ ۾ پاڻي جي تڪرار کي حل ڪرڻ لاءِ هڪ جامع آئيني طريقو موجود آهي، پر ان تي عمل نه ٿو ڪيو وڃي.سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت تي 1991ع جي پاڻي  ورڇ واري معاهدي تي مڪمل طور تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪامي جو الزام لڳائي ٿي. ڪينالن ٺاهڻ جو هڪ طرفو فيصلو آئين جي خلاف ورزي آهي. اهو لڳي ٿو ته اقتدار جي ايوانن ۾ ويٺل ماڻهن اسان جي تاريخ مان ڪو به سبق نه سکيو آهي.

ڪينال رٿا  خلاف  وڌندڙ عوامي احتجاج، وفاقي حڪومت ۽ صوبائي حڪومت  وچ ۾ بي اعتمادي کي ظاهر ڪن ٿا. ان سان انتها پسند قوم پرست قوتون يقيني طور تي مضبوط ٿينديون.  وڏي پئماني تي ٿيندڙ اھي مظاهرا  اشرافيھ جي ظلم خلاف خاص طور تي نوجوانن ۾ اشرافيه جي حڪمراني خلاف وڌندڙ بيچيني جو صرف هڪ پهلو ظاهر ڪن ٿا.

اھي مظاھرا ڏهاڪن کان صوبي تي حڪومت ڪندڙ پيپلزپارٽي جي لاءِ پڻ پيغام آھي. لڳي ٿو ته پيپلز پارٽي، جيڪا ڪڏهن جمهوري حقن جي علمبردار بڻجندي آھي. هاڻي ان جو واحد مفاد صرف پنهنجي اقتدار کي محفوظ بڻائڻ آھي. هو شايد صوبي جي تيزي سان بدلجندڙ سماجي ۽ سياسي منظرنامي کان ناواقف آهي.مظاھرن جي تازي لهر پارٽي قيادت لاءِ  ھڪ ويڪ اپ (سجاڳ ٿيڻ جو موقعو)  بڻجڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.