ڪرونا 19 وبا جي ڦھلجڻ متعلق ايترا ته ڪوڙ ڦھليل آهن جو اڄ ڏينھن تائين اصل سچ جي خبر نه پئجي سگهي آهي. ڪي ماڻهو جيئن آمريڪي صحافي ايليڪس جونس، ان کي انساني تھذيب مٿان عالمگيريت پسندن جو هڪ رٿا بند حملو قرار ڏين ٿا (دِي گريٽ ريسيٽ اينڊ دي وار فار دِي ورلڊ: ايلڪس جونس). عالمگيريت پسند دانشورن نيويارڪ ۾ آڪٽوبر 18، 2019 تي دنيا ۾ هڪ وبا ڦھلجڻ جي صورت ۾ هڪ ريھرسل ڪئي، جنھن کي Event-201 جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو.
گين آف فنڪشن جي نالي سان وائرس تحقيق چين جي ووهان انسٽيٽيوٽ آف وائرالاجي ۾ ٿي رهي هئي. جنھن لاءِ بل گيٽس فائونڊيشن، راڪفيلر فائونڊيشن ۽ ڊاڪٽر فاسي جي ايجنسي گڏيل سھڪار ڪيو ۽ ان ۾ 10 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ڪئي، جنھن مان کين 200 ارب ڊالرن جي فائدي جو ڪاٿو لڳايو ويو هو.
دِي جان هاپڪنس سينٽر فار هيلٿ سيڪيورٽي، ورلڊ ايڪانامڪ فورم ۽ بِل ۽ مِلنڊا فائونڊيشن سان ڀائيواريءَ ۾ آڪٽوبر 18، 2019 تي نيو يارڪ ۾ وبا ڦھلجڻ جي هڪ مشق 201 جي ميزباني ڪئي. هن مشق هڪ خطرناڪ وبا جي ڦھلجڻ جي صورت ۾ اهي هنڌ ڏيکاريا جتي سرڪاري – نجي ڀائيواري جي ضرورت پوندي. لاڪ ڊائون ڪرڻ ۽ تمام تڪڙ ۾ نيون وئڪسينون ٺاهڻ تي ان مشق ۾ غور ڪيو ويو. هي سڀ عجيب ۽ حيرانڪن نه هو ڇو ته اسان ڪجهه ئي مھينن کان پوءِ ڪرونا 19 جي صور ت ۾ هڪ عالمي وبا کي منھن ڏيڻ وارا هئاسين.
WEF ڪنھن به وبا کي منھن ڏيڻ جي منصوبن ۾ سالن کان شامل پئي رهيو آهي. ان ووهان مان ڪرونا وائرس جي پکڙجڻ واري وبا کان ٻن سالن کان به گهٽ عرصي ۾ ٻن مشقن Cladex ۽ Event-201 جي ريھرسل کي اڳتي وڌايو. مثال طور 2018 ۾ جان هاپڪنس جي ميزبانيءَ هيٺ ٿيل اهڙي مشق جي وبا جي نقل جا نتيجا ڀيانڪ هئا. ان مشق ۾ 4 ڪروڙ آمريڪين جو وائرس ڪري موت ٿيو ۽ لڳ ڀڳ هڪ ارب ماڻهو (عالمي آباديءَ جو 12 سيڪڙو) سڄي دنيا ۾ مري ويا. ان مشق ۾ جيڪو ڪرونا وائرس استعمال ڪيو ويو، ان جي SARS-COV-2 وائرس سان ويجهي مشابھت هئي (جيڪو حقيقت ۾ ڪجهه هفتن کان پوءِ وبا جي صورت ۾ چين مان سڄي دنيا ۾ پکڙيو. هنن مشقن ۾ لاڪ ڊائون، قئارنٽين، ننڍن ڌنڌن جي بند ٿي وڃڻ، تمام گهڻا روزگار وڃائي ڇڏڻ، تمام گهڻا ڦھليل مظاهرا، هنگاما، ماڻهن مٿان چوڪسي رکڻ جا قدم ۽ بايوميٽرڪ سڃاڻپن جھڙيون شيون شامل هيون.
انھن مشقن جي ايجنڊا ۾ خبرن ۽ سوشل ميڊيا ڪمپنين جو ڪردار به شامل هو جنھن مطابق غلط ۽ ڪوڙي معلومات تي وڏي پئماني تي پابندي مڙهڻ هو ۽ باوثوق نياپن کي اوليت ڏيڻ ۽ ڪوڙن نياپن/ پيغامن کي دٻائي ڇڏڻ شامل هو.
گاڏڙ ساڏڙ وائرس ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اوسر ۽ تحقيق هيٺ آهن، جن کي حياتياتي هٿيارن طور استعمال ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. هي وائرس بل گيٽس فائونڊيشن جي ريڊار تي 2005 کان آهن ۽ 2016 ۾ فائونڊيشن انھن وائرسز جي تحقيق تي 60 لک ڊالر خرچ ڪيا.
آمريڪي صدر اوباما 2014 ۾ هن خطرناڪ تحقيق تي پابندي مڙهي ڇڏي، جنھن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (NIH) ۽ ٻين ادارن کي ان ڳالهه تي مجبور ڪيو ته اهي ان قسم جي تحقيق کي چين ۽ ٻين قومن ڏانھن منتقل ڪن. اڪو هيلٿ الائنس ان وچ ۾ ووهان ليباريٽريءَ سان گذريل پندرهن سالن کان گڏجي ڪم ڪري رهي هئي. اهي چيني غارن مان چمڙن کي پڪڙي انھن جي ويھڪ جي جاءِ تان نمونا وٺي وڌ ۾ وڌ ڪرونا وائرس هٿ ڪري، انھن کي گاڏڙ وائرسن ۾ تبديل ڪري رهيا هئا. هن تحقيق جو مقصد مستقبل ۾ ڪن به ممڪنه وبائن ڦھلجڻ جي تياريءَ ۾ ويڪسين ٺاهڻ هو.سارس (SARS) وائرسن کان پوءِ هزارين ڪرونا وائرس دريافت ڪيا ويا آهن پر انھن مان رڳو ست اهڙا آهن، جيڪي انسانن ۾ بيماري پئدا ڪري سگهن ٿا. بل گيٽس فائونڊيشن، ورلڊ ايڪانامڪ فورم ۽ جان هاپڪنس سينٽر طرفان ڪرونا وبا پکڙجڻ کان اڳ ڪيل هنن مشقن ۽ ريھرسلن تي اڄ آڱريون کڄي رهيون آهن. بل گيٽس طرفان وائرس تحقيق تي پئسا خرچ ڪرڻ، آر اين اي ويڪسين ٺاهڻ ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ، دنيا کي ڪنھن وبا جي پکڙجي کان اڳواٽ خبردار ڪرڻ ۽ پوءِ دنيا ۾ واقعي به 2020 ۾ ڪرونا وائرس جي وبا ڦھلجي وڃڻ، ڇا انھن سمورن واقعن ۾ ڪو تعلق آهي يا اهي سڀ محض اتفاقي واقعا آهن؟ دنيا کي ان معاملي جي اڃان وڌيڪ جاچ پڙتال ڪرڻ کپي.