پاڪستان ۾ ڪافي وقت کان ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جي بدترين ڪارڪردگي تي هر سطح تي بحث مباحثو هلي رهيو آهي. ان موضوع تي اسان پهريون به ايڊيٽوريل لکيو هو ته پاڪستان جو ڪرڪيٽ نظام به ائين ئي غير مستقل طريقي سان هلي رهيو جيئن ملڪ جو حڪومتي ۽ پارلياماني نظام هلي رهيو آهي. سو هڪ جملي ۾ جيڪڏهن مسئلي جو سبب ٻڌائجي ته اهو ڪرڪيٽ بورڊ جي بدانتظامي ڄاڻائبي جنهن جو جو هڪ حصو حڪومت به آهي. جنهن پنهنجي غير مستقل مزاجي کي ڪرڪيٽ بورڊ ۾ به داخل ڪري ڇڏيو آهي.
اصل ۾ ٿيندو ائين آهي ته حڪومت تبديل ٿيندي آهي ته اها ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين تبديل ڪري پنهنجو ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيندي آهي جو ڪرڪيٽ بورڊ وزيراعظم جي ماتحت هوندو آهي ۽ ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين به وزيراعظم ئي مقرر ڪندو آهي. ايئن حڪومتون جيئن پنهنجو مقرر مدو پورو ناهن ڪنديون ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان کين برطرف ڪيو ويندو آهي يا وزيراعظم هٽايو ويندو آهي تئين ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين به پنهنجو مقرر مدو پورو ناهي ڪري سگهندو. اتان ڪرڪيٽ بورڊ جو بحران ۽ بدانتظامي شروع ٿيندي آهي. مثال طور ئي نواز شريف واري 2013ع جي حڪومت ۾ نجم سيٺي کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو ويو، وري 2018ع جي چونڊن ذريعي تحريڪ انصاف جي حڪومت آئي ته وزيراعظم عمران خان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين احسان ماني کي مقرر ڪيو ۽ اڳتي هلي پنهنجي حڪومت ۾ ئي وري رميز راجا کي چيئرمين بڻايو. تحريڪ انصاف جي حڪومت ختم ٿي ته وري پي ڊي ايم جي عارضي حڪومت پ پ جي حصي طور سندن مرضي جو چيئرمين ذڪا اشرف کي بڻايو. وري جڏهن 2024ع ۾ چونڊن جي نتيجي ۾ مسلم ليگ (ن) جي شهباز شريف کي حڪومت ۽ وزارت اعظميٰ ملي ته هن وري اسٽيبلشمينٽ جي اک جي تاري محسن نقوي کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو. جنهن کي حيرت انگيز طور تي گهرو وزارت جهڙي چئلنجنگ وزارت به مليل آهي، ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته محسن نقوي جيڪو ڪرڪيٽ سان سلهاڙيل ماڻهو به ناهي تنهن کي غير ضروري طور تي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرميني نه ڏيڻ گهرجي ها. بهرحال ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ ٽيم جي جيڪا موجوده تباهي شروع ٿي آهي. سا رميز راجا کي ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرميني تان هٽائڻ کانپوءِ شروع ٿي. ڇاڪاڻ ته چيئرمين ڪرڪيٽ بورڊ جا تڪڙا تبديل ٿيا ته سڄو سسٽم ئي تڪڙو تبديل ٿي ويو، چيئرمين تبديل ٿيندو آهي ته اهو سليڪشن ڪاميٽي جو چيئرمين به تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، ائين سليڪشن ڪاميٽي جو چيئرمين وري ڪوچنگ اسٽاف ۽ سڄي سليڪشن ڪاميٽي ئي تبديل ڪري ڇڏيندو آهي، وري هر چيئرمين ڪپتان به تبديل ڪري ڇڏيندو آهي جنهن ڪري ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ جي پاليسي ۾ تسلسل ناهي رهندو. اوهان ٿورو جائزو وٺندؤ ته ڪرڪيٽ بورڊ ۾ چيئرمين تبديل ٿيڻ سان گڏ ڪپتان به تڪڙا تبديل ٿيا جهڙوڪ سرفراز احمد، اظهر علي، بابر اعظم، شاهدين آفريدي ۽ رضوان شامل آهن جنهن ڪري ڪرڪيٽ جي ڪارڪردگي تي بدترين اثر پيو.
هاڻي جڏهن چيمپينز ٽرافي 2025 ۾ محسن نقوي جي چيئرمين شپ، عاقب جاويد جي ڪوچنگ ۽ رضوان جي ڪپتاني ۾ هوم ٽورناميٽ باوجود پاڪستان هڪ به ميچ کٽي نه سگهيو آهي ته وري مطالبو ٿي رهيو آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين، ڪوچ ۽ ڪپتان وغيره تبديل ڪيو وڃي. هاڻي ڏسڻو هو آهي ته ڇا ٿو ٿئي. پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم کي مارچ – اپريل ۾ نيوزيلينڊ سيريز کيڏڻ وڃڻو آهي ۽ هن سال سيپٽمبر جي مهيني ۾ ايشيا ڪپ ٽورنامينٽ به ڀارت جي ميزباني ۾ ٿيڻو آهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا وري ڪرڪيٽ بورڊ ۾ تبديلي ٿيندي؟ جڏهن ته في الحال ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين ساڳيو محسن نقوي آهي جيڪڏهن محسن نقوي کي هٽايو وڃي ٿو يا کانئس استعيفيٰ ورتي وڃي ٿي ته يقينن وري سڄو نظام تبديل ٿيندو. سو دارومدار موجوده مسلم ليگ جي وفاقي حڪومت تي آهي ته اها محسن نقوي کان ڪرڪيٽ بورڊ جو اضافي عهدو وٺي ڪنهن نئين ماڻهو کي ڏئي ٿي يا ساڳيو سسٽم هلائي ٿي. يا محسن نقوي عاقب جاويد کي هٽائي ٿو يا برقرار رکي ٿو. سو ڪجهه ڏينهن اندر ئي خبر پئجي ويندي.
پر جيڪڏهن محسن نقوي نٿو هٽي يا اهو عاقب جاويد کي نٿو هٽائي ته پوءِ رضوان ئي ٽيم جو ڪپتان هوندو ۽ ٽيم ۾ به ڪا خاص تبديلي نه ڪئي ويندي جنهن بابت عاقب جاويد بيان به ڏنو آهي ته پاڪستان تازو ئي آسٽريليا،زمبابوي ۽ ڏکڻ آفريقا ۾ سيريزون کٽي آئي آهي صرف نيوزيلينڊ خلاف هوم سيريز ۽ چيمپيز ٽرافي ۾ سٺي پرفارمنس نه ڏيکاري آ جنهن جو وڏو سبب صائم ايوب ۽ فخر زمان جي انجري ۽ ڪجهه بيٽسمينن ۽ بالرن جي سٺي ڪارڪردگي نه هئي. سو عاقب جو خيال آهي ته سسٽم ۾ تسلسل هئڻ گهرجي هڪدم سڀني کي تبديل نه ٿو ڪري سگهجي.
جڏهن ته عام تاثر اهو آهي ته ڪرڪيٽ بورڊ ۾ پروفيشنل ۽ ڪرڪيٽ جي تجربيڪار شخصيتن کي رکڻ گهرجي ۽ تسلسل به قائم رهڻ گهرجي. هاڻي ته ڪرڪيٽ بورڊ جو آئين به ٺهي چڪو آهي جنهن تحت ميرٽ تي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين مقرر ڪري سگهجي ٿو ڪنهن سياسي ۽ حڪومتي ڀرتي جي ضرورت ناهي. سو جيستائين سسٽم ۾ نج ميرٽ نه هوندي تيستائين ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ ٽيم درست رخ ۾ ڪارڪردگي نه ٿي ڏيکاري سگهي ٻيو ته اهڙو به انتظام ٿيڻ گهرجي جيئن حڪومت جي تبديلي سان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين جي تبديلي نه ٿي سگهي ۽ هر انتظامي ٽيم کي مقرر مدي تائين ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي. ڪوشش ڪجي ته ڪرڪيٽ جو وسيع تجربو رکندڙ ڪنهن شخص کي ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين بڻايو وڃي ته جيئن ان کي محسن نقوي وانگر پنجن ڇهن اڳوڻن ڪرڪيٽرن جي مشاورت يا صلاحڪاري جي ضرورت نه پوي، ٻيو ته سليڪشن ۾ سفارش جي پرچي کي بلڪل ئي ختم ڪري ميرٽ جو نظام لاڳو ڪرڻ گهرجي تڏهن ئي ڪرڪيٽ بورڊ ۽ ڪرڪيٽ ٽيم ۾ بهتري ايندي.