ھٿ ٺوڪئي استحڪام جو پردو هاڻي هٽي چڪو آهي ۽ افغانستان بحران جي حالت ۾ آهي. معاشي صورتحال ڳڻتي واري آهي، عورتون گهرن تائين محدود آهن ۽ آمريڪي امداد جي بند ٿيڻ سان سبب ملڪ ۾ انساني بحران خطرناڪ صورت اختيار ڪري چڪي آهي.گھڻا ئي ماڻهو جيڪي اڳ طالبان حڪومت تي ڀروسو ڪندا هئا، سي هاڻي پنهنجو اعتماد وڃائي رهيا آهن، جڏهن ته قيادت جي اندر اختلاف به تيز ٿي ويا آهن. ماهرن خبردار ڪيو آهي ته وڌندڙ ڌڙابندي طالبان جي صفن ۾ بغاوت جو سبب بڻجي سگهي ٿو.
وڌندڙ اختلافن جي رپورٽن وچ ۾ طالبان جي ترجمان ذبيح الله مجاهد تازو ئي سوشل ميڊيا بحث ۾ هن مسئلي تي ڳالھايو آھي. هن اعتراف ڪيو ته آھي تھ نقطه نظر ۾ اختلاف موجود آهن پر گڏوگڏ اصرار ڪيو ته اهي جهيڙن يا کليل ٽڪراءَ ۾ تبديل نھ ٿيندا آھن.. پر سندس ترديد باوجود مبصرن جي خيال آهي ۾ طالبان قيادت اندر شديد اختلاف اڀري رهيا آهن.طالبان ڪڏهن به هڪ مربوط يا متحد تنظيم نه رهي آهي. جيتوڻيڪ ان ۾ پشتون ميمبرن جي اڪثريت آهي، ھي تنظيم لساني، علائقائي ۽ قبائلي بنيادن تي ڌڙن ۾ ورھائبي رهي آهي. اندروني تڪرار جي جھلڪ اهم پاليسي معاملن تي پڻ نمايان ھوندي آهي، جهڙوڪ نياڻين جي تعليم ۽ ٻين ملڪن سان مثبت طور تي ڪم ڪيئن ڪيو وڃي.
افغانستان خاص طور تي ملا هيبت الله جي ويجهن ساٿين جو بيانيئو ڪجهھ ھئين آھي ته طالبان اڳواڻ جا نظريا پختا آهن ۽ قابئلي قدامت پرستي ۾ خود کي طالبان گروپ جي نظرياتي ۽ سياسي محافظ تي ڏسن ٿا. اهي پنهنجن اصولن تي سمجهوتو ڪرڻ بدران معيشت، سماجي هم آهنگي، ۽ ايتري تائين جو پنهنجن اتحادين کي به داؤ تي لڳائڻ کي ترجيح ڏين ٿا.
جيتوڻيڪ آمريڪي امداد جي خاتمي تي طالبان حڪومت جو ڪو به رد عمل سامھون نه آيو آهي، پر ملا هيبت الله ۽ سندس هم خيال ساٿين لاءِ اھو قدم ڪنهن نعمت کان گهٽ نه هوندو. اهي افغانستان ۾ بين الاقوامي سماجي غير سرڪاري تنظيمن (اين جي اوز) کي مڪمل طور تي بند ڪرڻ تي غور ڪري رهيا آهن.طالبان حڪومت عوامي صحت ۽ سماجي شعبن کي سنڀالڻ جي قابل ناهي، جيڪي گھڻي حد تائين ٻاهرين امداد تي انحصار ڪن ٿا. مثال طور، طالبان گهر گهر پوليو ويڪسينيشن پيارڻ سميت مسجدن ۽ ديني مدرسن تائين پوليو ويڪسين جي فراھمي تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آھي.
جيڪڏهن عالمي برادري ڪنھن نعم البدل پالان سان سامھون نٿي اچي.يا طالبان پاڻ معيشت جي بهتري ۽ صحت جي شعبي لاءِ فنڊنگ وڌائڻ لاءِ قدم نٿا کڻن ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿي سگهي ٿي.بندش وڌل تحريڪ طالبان پاڪستان (ٽي ٽي پي ) جي ڪري پاڪستان طالبان حڪومت کان ناراض آهي، جيڪي افغان سرزمين جي استعمال خلاف دھشتگرديءَ جي لاءِ استعمال ڪري رهي آهي. ٽي ٽي پي کي ڪنٽرول ۾ آڻڻ لاءِ طالبان حڪومت پاڪستان جي حمايت ۾ ڪي بھ جوڳا قدم نٿا کڻن.جواب ۾ طالبان تي دٻاءَ وجھڻ لاءِ پاڪستان افغان پناهگيرن کي استعمال ڪري رهيو آهي، جھڙوڪ انهن کي جاڙن شھرن ۽ پوءِ سڄي ملڪ مان تڙڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. جيتوڻيڪ طالبان حڪومت افغان پناهگيرن کي تڙڻ واري پاڪستاني قدم جي مذمت ڪئي آهي، پر اهي انهن جي آبادڪاري ۽ بحالي جي مسئلي کي سنجيدگي سان نه وٺي رهيا آهن، ڇاڪاڻ ته انهن جو خيال آهي ته پناهگيرن جي اڪثريت طالبان مخالف سوچ رکندڙ آهي.
بھرحال اهو غير يقيني آهي ته آيا پاڪستان جي فيصلي جي ڪري افغانستان، ٽي ٽي پي خلاف تعاون ڪرڻ تي مجبور ٿيندا يا نھ .پر پناهگيرن جي واپسي يقينن افغانستان جي مشڪلات ۾ اضافو ڪري سگهي ٿي.طالبان اڳواڻ ملا اخوندزاده ڪيترن ئي قدمن ذريعي اقتدار تي پنهنجي گرفت مضبوط ڪئي آهي، جنھن ۾ هر صوبي ۾ علماءَ ڪائونسلن جو قيام ذڪر جوڳو آھي. اهي ڪائونسلون انهن جو اکيون ۽ ڪن بڻجي ڪم ڪن ٿيون، جنھن ذريعي اهي ملڪ جي وفادار عالمن جي مدد سان نگراني ڪن ٿا. اهي طالبان حڪومت اندر ڪنهن ڀڃڪڙي جي نگراني ۽ رپورٽ پڻ ڪن ٿيون.
يو ايس انسٽيٽيوٽ آف پيس جي هڪ فيلو اينڊريو واٽڪنز، طالبان جي امير جي ايجنڊا جي خلاف اختلاف جو مشاھدو ڪيو آهي. وضاحت پراڻي ٿي چڪي آهي پر اڃا پڻ درست آهي. طالبان جي ميمبرن جو هڪ وڏو انگ اھو مڃيندو آهي ته امير پنهنجي اختيار کي لتاڙي رهيو آهي، پر ھن سان اختلاف رکندڙ حلقن ۾ هم آهنگي جي کوٽ آهي. انھن وچ ۾ ڪو بھ گڏيل نقطھ نظر نھ آھي يا اهي پنهنجن مقصدن لاءِ گڏجي ڪم نٿا ڪن، جنھن ڪري اجتماعي ڪارڪردگي کي ڏکي ٿي وڃي ٿي.
ٻئي طرف طالبان اڳواڻ ا مستقل مزاجي ۽ ستحڪام جو پيغام ڏئي ٿو. طالبان اڳواڻ جيڪو گهٽ ئي عوام ۾ نظر اچي ٿو، پنھنجي هڪ تقرير ۾ زور ڏنو ته جهاد يا جدوجهد پرڏيهي فوج جي واپسي ۽ افغان حڪومت جي خاتمي سان ختم نه ٿي آهي. ان جي بدران، هن چيو ته هو هاڻي سماج کي پاڪ ڪرڻ تي ڌيان ڏئي رهيو آهي ڇاڪاڻ ته مخالف اڃا تائين موجود آهن.
سندس اپيل طالبان جي صفن ۾ اهم اثر رکي ٿي، جيڪا گروپ اندر اختلاف رکندڙن لاءِ هڪ وڏو چئلينج پيش ڪري ٿي. بيجنگ، ماسڪو، رياض، نئين آمريڪي انتظاميا ۽ ٻين عالمي طاقتن وٽ شايد افغانستان ۾ استحڪام يا معاشي بهتري جا منصوبا آهن ته جيئن نوان خطرا اڀري نه ٿي سگهن. پر دنيا جي اثرائتي سھڪار جي لاءِ ضروري آهي ته طالبان درست ردعمل ڏين تھ اھي ڪھڙي ريت دنيا سان اثرائتي طريقي سان ڳالھيون ڪن ٿا.امڪاني بغاوت جي خبرن سان شايد عالمي تعاون ۽ مدد ۾ دير ڪري ٿي وڃي. جيڪڏهن مخالفن جوگروپ مضبوط ٿي وڃي ٿو ته، افغانستان بابت دنيا جي نظريي ۾ تبديلي اچي سگھي ٿي. جنهن سان ملڪ ۾ انتشار پيدا ٿي سگهي ٿو.
طالبان لاءِ هاڻي تائين سڀ کان وڏو فائدو اهو آهي ته انهن جا مخالف ڪمزور آهن. افغانستان جو قومي مزاحمتي محاذ، جيڪو اڳوڻي اتر اتحادين تي ٻڌل آهي، وٽ اھڙي قيادت، سياسي نظريا، يا رٿون نھ آھن جيڪي مقامي ماڻهن يا افغانستان ۾ طالبان جي خلاف تحريڪ ھلائڻ جي ڪوشش ڪندڙ بين الاقوامي گروپس جي حمايت حاصل ڪرڻ لاءِ گھربل ھونديون آهن.انھيءَ پس منطر ۾، ان امڪان کي رد نٿو ڪري سگهجي ته طالبان رجيم ۾ پڻ ڪجهه حلقا طالبان قيادت ملا هيبت الله، کي چئلينج ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي خلاف بغاوت ڪري سگهن ٿا. پوءِ ڇا اھي حلقا هن کي برطرف ڪري هڪ مستحڪم حڪومت ٺاهي سگهن ٿا؟ ورهاڱي سان طالبان قبائلي ۽ لساني بنيادن تي ڀڃ ڊاھ جو شڪار ٿي ويندا، جڏھن تھ 1990 جي ڏھاڪي جي وچ ڌاري بھ اسان اھا صورتحال ڏٺي ھئي.
هي افغانستان، پاڪستان ۽ ٻين پاڙيسرين لاءِ هڪ خوفناڪ منظرنامو آهي، جڏهن ته اهو عالمي سلامتي لاءِ پڻ خطرو آهي.اقتدار جي پرامن منتقلي کان افغان طالبان پنھنجي مدد پاڻ ڪري سگھن ٿا.جنھن سان طالبان تي پاليسيون تبديل ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وجهي سگهجي ٿو. جڏهن ته افغانستان ۾ طالبان مخالف گروهن، ٻاهرين ملڪن ۾ رهندڙ افغان شهرين ۽ دانشورن لاءِ مسئلو اهو آهي ته اهي اڪثر ڪري سياسي، اخلاقي ۽ فوجي مدد لاءِ مغربي ملڪن ڏانهن ڏسندا آهن. گذريل 55 سالن جي تڪرار ۽ ٻاهرين مداخلت جي ڪري، انهن گروهن پنهنجي طور تي ھڪ مقامي، پرامن تحريڪ قائم لاءِ جدوجھد ڪئي آهي.ان اندروني ڪمزوري انهن کي سياسي طور تي ڪمزور بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن جي بنياد تي اهي ٻاهرين ذريعن کان متاثر ٿين ٿا. اهي پاڪستان ۾ مقامي حقن جي تحريڪن کي مثالي سمجهن ٿا، جهڙوڪ پشتون تحفظ تحريڪ سان پاڻ کي ڳنڍين ٿا. جڏهن ته اهي منظور پشتين ۽ علي وزير جهڙين شخصيتن کان متاثر نظر اچن ٿا.