پاڪستان مذهب جي بنياد تي ٺهيو ۽ پوءِ بنگلاديش ٻوليءَ جي بنياد تي ان کان الڳ ٿيو. بنگلاديش جي آزادي جو بنياد بنگالي قوم پرستي هئي، پر اھا قوم پرستي اسلام جي خلاف نه هئي.بنگالي قوم پرستي جا ٻج تڏهن ڇٽيا ويا، جڏهن پاڪستان جي باني محمد علي جناح مارچ 1948ع ۾ اردو کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏنو. نتيجي ۾ 1952ع ۾ اوڀر پاڪستان ۾ ٻولي جي تحريڪ شروع ٿي.جڏهن بنگلاديش الڳ ٿيو تھ ماڻهن مذھب جي بنياد ٺھيل پاڪستان تي سوال اٿارڻ لڳا.ماڻهو چوڻ لڳا هئا ته مذهبي سڃاڻپ ئي سڀ ڪجهه ناهي. اهڙي طرح مذهب جي بنياد تي قوم ٺهڻ جو فيصلو غلط ھو. ماڻهو چوڻ لڳا ته بنگالي سڃاڻپ اسلامي سڃاڻپ کان مختلف آهي.
بنگلاديش ٺهيو، تھ ان بنگالي قوم پرستي ۽ سيڪيولر جمهوريت اختيار ڪئي. شيخ مجيب الرحمان فيصلو ڪيو ته بنگلاديش هڪ قومي رياست جي حيثيت سان سيڪيولرزم تي قائم ھوندي. اھو فيصلو بطور اسلامي ملڪ پاڪستان جي تجربي کان پوءِ ڪيو ويو. بنگلاديش ۾ بنياد پرست اسلامي گروهن تي به پابندي لڳائي وئي، ڇاڪاڻ ته انهن کي پاڪستان نواز سمجهيو ويندو هو.پر بنگلاديش جو سيڪيولر ڪردار گهڻي وقت تائين ڪارگر ثابت نه ٿيو. 1975ع ۾، بنگلاديش جي باني شيخ مجيب الرحمان کي قتل ڪيو ويو ۽ فوجي بغاوت ٿي. اھو بنگلاديش ۾ سيڪيولرزم لاءِ هڪ وڏو ڌڪ هو. 1977 ۾، فوجي آمر ضياءُ الرحمان نه رڳو بنگلاديش جي آئين مان سيڪيولرزم کي ختم ڪيو، پر اسلامي پارٽين تي پابندي به هٽائي ڇڏي. جنهن کان پوءِ، 1988ع ۾، جنرل حسين محمد ارشاد اسلام کي رياستي مذهب قرار ڏنو.
بھرحال جڏهن 2009 ۾ شيخ حسينه واجد جي اڳواڻي ۾ عوامي ليگ حڪومت اقتدار ۾ آئي، ته ان آئين ۾ سيڪيولرزم کي شامل ڪرڻ جو واعدو ڪيو. 2011 ۾ بنگلاديشي آئين ۾ سيڪيولرزم بحال ڪيو ويو ۽ اسلام اڃا تائين رياستي مذهب آهي.بنگلاديش جي آئين جي آرٽيڪل 2 موجب، اسلام رياستي مذهب آهي، پر ساڳئي وقت آرٽيڪل 12 چئي ته بنگلاديش هڪ سيڪيولر ملڪ آهي ۽ ھتي ٻين مذهبن جي ماڻهن کي به برابر جا حق حاصل آهن.
گذريل سال آگسٽ ۾ شيخ حسينه کي اقتدار تان ھٽائڻ کان پوءِ اھو سوال هڪ ڀيرو ٻيهر اٿاريو پيو وڃي تھ ڇا بنگلاديش بنگالي قوم پرستي کان اسلام پسندي ڏانهن وڌي رهيو آهي؟عبوري حڪومت جي سربراهه محمد يونس سڌارن لاءِ ڪميشنون جوڙيون آھن.ھن هڪ آئيني ڪميشن پڻ آھي.جنھن آئين مان سيڪيولرزم جي اصطلاح کي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي آھي.
موجوده صورتحال ۾ بنگلاديش ۾ جماعت اسلامي به محمد يونس جي حڪومت جي حمايت ڪري رهي آهي. چيو وڃي ٿو ته جماعت اسلامي بنگلاديش جي آزادي جي جنگ ۾ پاڪستان جي حمايت ڪئي هئي.اھا جماعت هڪ طرح سان آزاد بنگلاديش جي مخالفت ڪندي رهي آهي.بنگلاديشي نيوز ويب سائيٽ ”پرٿم الو“ تي هڪ انٽرويو ۾ بنگلاديش جماعت اسلامي جي سربراهه شفيق الرحمان چيو ته، ”1971 ۾ اسان جو موقف اصولن تي ٻڌل هو“ اسان هندستان جي مفاد لاءِ هڪ آزاد ملڪ نھ پئي چاهيو.شفيق الرحمان چيو تھ "جيڪڏهن اسان کي ڪنهن جي ذريعي يا ڪنهن جي حق ۾ آزادي ملي ته اهو هڪ بار هٽائڻ ۽ ان جي مٿان ٻيو بار رکڻ برابر هوندو. ڇا اهو گذريل 53 سالن کان بنگلاديش لاءِ سچ نه آهي؟” .
ھڪ ماھر موجب بنگلاديش ۾ هميشه هائبرڊ قومپرستي رهي آهي.بنگلاديش بنگالي قوم پرستي ذريعي ٺاهيو ويو، پر اسلام هتان ڪٿي به نه ويو.، بنگالي قوم پرستي جي وڪالت ڪندڙ اسلام مخالف نه هئا. هتي شروع کان ئي هائبرڊ نيشنلزم هو. شيخ حسينه جو خيال هو ته هوءَ صرف بنگالي قوم پرستي ذريعي بنگلاديش کي منظم ڪري سگهي ٿي۽ اها ئي سندس غلطي هئي. بنگلاديش گهڻي وقت کان آزادي جي جنگ جي رومانس کان اڳتي وڌي چڪو هو. شيخ حسينه اهو سمجهي نه سگهي.
ھڪ ٻئي ماھر پنھنجي مضمون ۾ لکيو تھ 80 جي ڏھاڪي ۾ ڪئين بنگلاديشي نار ملڪن ۾ ڪم ڪرڻ ويا ھئا. انهن مان گھڻا سعوديا ويا. جن اتي مختلف اسلام ڏٺو. بنگلاديشي سياست ۾ اسلام پسندن جو تعداد وڌي رهيو هو. سعودي عرب بنگلاديش ۾ مدرسن کي مالي مدد ڏني. انهن مدرسن جو اسلام بنگالي اسلام کان بلڪل مختلف هو. ظاهر آهي ته بنگالي قوم پرستي بنياد پرست اسلام سان گڏ رهي نه ٿي سگهي. شيخ حسينه جي وڃڻ کان پوءِ بنگالي قوم پرستن ۾ بي چيني وڌي وئي آهي. شيخ مجيب الرحمان جي گهر تي حملي جي پويان جماعت اسلامي جا ماڻهو هئا.