ڪراچي(پ ر)سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي پاران تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي قيادت جي اعزاز ۾ سانجهاندي (ڊنر) جو اهتمام ڪيو ويو. سنڌو درياھ بچايو تحريڪ جي ڪنوينر سيد زين شاھ جي رهائشگاھ تي محمود خان اچڪزئي، اسد قيصر، لطيف کوسو، حامد رضا، سلمان اڪرم راجا، ڊاڪٽر صفدر عباسي، ڊاڪٽر فھميده مرزا، لياقت جتوئي، سردار عبدالرحيم، آخونزاده حسين يوسفزئي، مولانا اسداللّٰه ڀٽو، حليم عادل شيخ،معظم علي عباسي،ڊاڪٽر ذوالفقار علي مرزا،بئريسٽر حسنين علي مرزا،قاري عثمان،ڊاڪٽر مسرور علي سيال ۽ ٻين اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي. تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ۽ جي ڊي اي جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ گڏيل سياسي جدوجهد جي بنيادي نقطا ۽ حڪمت عمل طئي ڪرڻ لاء اهم ڪميٽي جوڙي وئي جنهن ۾ جي ڊي اي طرفان سيد زين شاھ،ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم ۽ بئريسٽر حسنين علي مرزا جڏهن ته تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان پاران سلمان اڪرم راجا،صاحبزاده حامد رضا،ناصر شيرازي،حليم عادل شيخ،ساجد ترين ۽ آخونزاده حسين يوسفزئي کي نامزد ڪيو ويو آھي. جي ڊي اي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراھ محمود خان اچڪزئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ميزباني هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ٻن ڏينهن واري قومي ڪانفرنس جي دعوت قبول ڪندي اعليٰ سطح تي شرڪت جو واعدو ڪيو. اجلاس ۾ چيو ويو ته آئين کان مٿاهين ايس آءِ ايف سي جي قيام ۽ 1991ع جي پاڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪندي چولستان ڪينال منصوبي سان گڏوگڏ وڌيڪ ڪئنالن جي منصوبن کي رد ڪريون ٿا،سموري ملڪ سميت سنڌ ۾ سياسي قيدين جي آزادي جو مطالبو ڪيو ويو جنهن ۾ اڳوڻو وزيراعظم عمران خان ۽ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن سميت غلام مرتضيٰ خان جتوئي ۽ ٻيا سياسي ڪارڪنن شامل آھن.