مٺي(رپورٽ:غازي بجير)ڪارپوريٽ فارمنگ،سنڌو درياهه تي ڇهن نون ڪئنالن ۽ ڪارونجهر جي ڪٽائي خلاف عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر طرفان باءِ پاس روڊ ڪنڊي اسٽاپ کان ڪشمير چوڪ تائين پيادل مارچ ڪري احتجاجي ريلي بعد ڪشمير چوڪ مٺي پهچي ڌرڻو هنيو ويو،جنهن ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت سوين ماڻهن شرڪت ڪئي،ريلي دوران ڪارونجهر جي ڪٽائي بند ڪريو، ڪئنال ٺاهڻ سنڌ سڪائڻ بند ڪريو، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا ختم ڪريو،زمينن تي قبضا ڪرڻ بند ڪريو جي نعرن جا مٺيءَ ۾ پڙاڏا گونجي پيا،ريلي جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار،مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو،مرڪزي اڳواڻ لال جروار،عبدالقادر رانٽو، اوڀايو جوڻيجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ افشين ميمڻ،زاهده لاشاري، عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ايڊووڪيٽ ديال صحرائي،ايڊووڪيٽ ديور راءِ،اي بي چارو ۽ ٻين ڪئي،ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن چيو ته ارسا کي سنڌ سڪائڻ جو ڪو اختيار ڪونهي،چولستان رٿا لاءِ پاڻي جي دستيابي جو سرٽيفڪيٽ ڏئي ارسا ملڪي آئين کي پيرن هيٺيان لتاڙيو آهي پيپلز پارٽي جي حمايت سان ٺهيل ادارو ايس آءِ ايف سي سنڌ جي زمينن ۽ وسيلن تي قبضو ڪري رهيو آهي. هڪ طرف سنڌو درياه تي غيرقانوني ڪئنال اڏي سنڌ کي بنجر بنايو پيو وڃي ته ٻئي طرف ڪارونجهر سميت سنڌ جا تاريخي ۽ ثقافتي ماڳ ايس آئي ايف سي جهڙي قابض اداري حوالي ڪيا پيا وڃن.هن وقت ملڪ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ بدترين آمريتي راڄ قائم آهي، اڳواڻن چيو ته پنجاب سنڌ جي حصي مان ڪئنال پيو ٺاهي. اهو ناٽڪ بند ٿيڻ گهرجي. اڳواڻن چيو ته هن وقت سنڌي پورهيت هاري مزدور جي وسيع اتحاد جي ضرورت آهي،سنڌي عوام پنهنجي درياهه جي تحفظ لاءِ وڙهندو ۽ پيپلز پارٽي سان آمر ضياءَ، مشرف ۽ ايوب جهڙو حشر ڪندو.