لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي سالياني چونڊن ۾ حامد خان گروپ جي ملڪ آصف نسوانا ڪامياب ٿي ويو. جيو نيوز موجب ملڪ آصف نسوانا 7 هزار 50 ووٽ حاصل ڪري ڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته سندس مخالف آزاد گروپ جي صدارتي اميدوار ثاقب اڪرم گوندل 6 هزار 4 سئو 60 ووٽ حاصل ڪيا. حامد خان گروپ جو عبدالرحمان رانجها 8 هزار 255 ووٽ کڻي نائب صدر چونڊجي ويو. سندس مقابلي ۾ حسيب بن يوسف 4 هزار 503 ووٽ حاصل ڪيا. حامد خان گروپ جو فرخ الياس چيما 6 هزار 833 ووٽ کڻي سيڪريٽري چونڊجي ويو. جڏهن ته سندس مدمقابل قاسم اعجاز سمرا 6 هزار 630 ووٽ حاصل ڪيا. نتيجا اچڻ کان پوءِ نون چونڊيل عهديدارن جي حمايتين ڪاميابي جي خوشي ۾ نعريبازي ڪئي، جڏهن ته ملڪ آصف نسوانا چيو ته آئين جي بالادستي ۽ 26هين ترميم خلاف جدوجهد جاري رهندي.