لاهور(م ڊ)مسلم ليگ ن جي اڳواڻ خواجا سعد رفيق سوشل ميڊيا پليٽ فارم ”ايڪس“ تان پابندي هٽائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو ته ”ايڪس“ تي پابندي کي هڪ سال ٿي ويو آهي. هن چيو ته هر ڪو وي پي اين ذريعي ”ايڪس“ استعمال ڪري رهيو آهي، ان تي پابندي لڳائڻ جو ڪو به مقصد ناهي. واضح رهي ته پاڪستان ۾ سوشل ميڊيا سائيٽ ايڪس (اڳوڻي ٽوئيٽر) تي لڳ ڀڳ هڪ سال کان پابندي آهي.