پي ايف يو جي جي چونڊن ۾ افضل بٽ ٻن سالن لاءِ صدر چونڊجي ويو

اسلام آباد (پ ر) پاڪستان فيڊرل يونين آف جرنلسٽس جي چونڊن ۾ ٻن سالن جي لاءِ افضل بٽ صدر، ارشد انصاري سيڪريٽري  جنرل ۽ سعيد جان (لالا اسد پٺاڻ) ٻيو ڀيرو فنانس سيڪريٽري چونڊجي ويو. اسلام آباد ۾ پي ايف يو جي، جي ٿيل ٽن ڏينهن واري بي ڊي ايم اجلاس بعد چونڊ جي نتيجن جو اعلان اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين اقبال جعفري ڪيو. اقبال جعفري ٻڌايو ته پي ايف يو جي، جي چونڊن ۾ صدر، جنرل سيڪريٽري، نائب صدر ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي چار ۽ ايف اي سي جي 25 سيٽن جي لاءِ 262 اميدوارن پنهنجا نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا. جن ۾ صدر جي عهدي تي 14، سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي 29، نائب صدر جي چار سيٽن جي لاءِ 43، اسسٽنٽ سيڪريٽري جنرل جي 4 سيٽن جي لاءِ 40، جڏهن ته ايف اي سي جي 25 سيٽن جي لاءِ 113 اميدوارن نامزدگي فارم جمع ڪرايا هئا جن گڏيل مشاورت بعد پنهنجا نامزدگي فارم واپس ورتا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.