جسقم آريسر جي ساٿين کي جس هجي:دودو ديشي

ڪراچي(پ ر)جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ دودو ديشي ساٿين سميت جسقم آريسر جي لانگ مارچ پڄاڻي واري جلسي ۾ شرڪت ڪئي، هن چيو ته  جلوس متان ڳوڙها گيس جي شيلنگ سبب ڪيتريون نياڻيون مرد بيهوش ٿي ويا، مون ڀر ۾ وڃي بوتل سان اکين کي ڇنڊا هنيا، جس هجي هنن قوم جي سدورن ۽ حلالي ٻچن کي جن  شيلنگ جو مقابلو ڪيو پر پوئتي پير نه هٽايائون، هن چيو ته  اسلم خيرپوري سڀني دوستن ۽پارٽين  جو شڪريو ادا ڪيو مون سان پڻ محبت واري انداز ۾ ڀاڪر پائي مليو، جڏهن به ڪوئي سنڌين جو ڪٺ، اجتماع ٿئي ٿو ته اردو ميڊيا کي مرچ لڳي ويندا آهن، هو منفي انداز ۾ رپورٽنگ ڪندي سنڌين مٿان تنقيد ڪندا رهندا آهن، دودوديشي ڪامياب ۽ پرامن مارچ تي جسقم آريسر جي دوستن کي واڌايون ڏنيون

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.