شاهراهه فيصل تي رنڊڪون وجهڻ تي چڪريون، شيلنگ

ڪراچي: جسقم آريسر جو لانگ مارچ شاھراھ فيصل ريڊ زون ۾ پھچڻ تي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اھلڪار روڊ تي رنڊڪون بيھاري ڇڏيون، رستو بند ڪرڻ تي چڪريون ٿيون، اھلڪارن ۽ ڪارڪنن ھڪٻئي تي لٺين ، لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جنھن جي ڪري ريڊ زون جو علائقو ميدان جنگ بڻجي ويو. پوليس آفيسر سميت ڪيترائي زخمي ٿي پيا.

  1. جسقم، ايس يو پي، جسم، قومي پارٽي جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن شريڪ ٿيا

ڪراچي(رپورٽر) جيئي سنڌ قومي محاذ آريسر جي مارچ ۾ جسقم، ايس يو پي، جيئي سنڌ محاذ ۽ ٻين پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن  پهتا. جسقم اڳواڻ الاهي بخش بڪڪ، جسقم (بشير خان ) جي چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، جيئي سنڌ قومي پارٽي جو سربراھ نواز خان زنئور،جيئي سنڌ محاذ جو جنرل سيڪريٽري سنڌي امداد ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جو اڳواڻ جڳديش آھوجا، جيئي سنڌ قوم پرست پارٽي جو نائب صدر دودو ديشي ، رواداري تحريڪ جوصدر پنھل لاڙڪ، سنڌ سجاڳي فورم جو اڳواڻ محب آزاد، سيد منير حيدر شاھ، ڊاڪٽر ڪرم رستماڻي، غازي خان پنھيار ، شاعر مھر ڊٻائي، ڪراچي بار ايسوسئيشن جو اڳواڻ رحمٰن ڪورائي ايڊوڪيٽ ، وائيس فار مسنگ پرسنز سنڌ جي ڪنوينر سورٺ لوھار ، سورٺ سنڌو ، قومي دانشور تاج جويو شرڪت ڪئي. مارچ ۾  قومپرست سياسي تنظيمن جا اڳواڻ ، انساني حقن جا پرچارڪ ، دانشور ، اديب ، پيرسن ، نوجوان ، عورتون ،ٻارڙا ، شاگرد ، ھاري مزدور وڏي  تعداد ۾ شريڪ ٿيا.

  1. وڪيلن ۽ سنڌي ادبي سنگت پاران مارچ قافلي جي آجيان

ڪراچي: جسقم آريسر جي مارچ جي وک وک تي آجيان ڪئي وئي. ڪراچي بار جي اڳواڻ رحمان ڪورائي، محمد خان شيخ، خليل  انصاري، عاقب راڄپر ۽ ٻين آجيان ڪئي. سنڌي ادبي سنگت شاخ ابراهيم حيدري جي لڄپت راءِ، فقير سنڌي، مرتضيٰ کوکر، منصور کوکر، سارنگ زين، وسيم گبول ۽ ٻين به شاهراهه فيصل تي  قافلي تي گل ورکا ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.